Book Name:Maraz Se Qabr Tak
ويو۔
خُدایا بُرے خاتمے سے بچانا پڑھوں کلمہ جب نکلے دَم یا اِلٰہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’هفتيوار سنتن ڀريو اجتماع‘‘
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! گناهن کان بچڻ، پابندِ سُنَّت بڻجڻ ۽ مسلمان جي دلجوئي ڪرڻ جهڙين صفتن کي اپنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني سان وابسته ٿيو ۽ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو، ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع“ ۾ شرڪت ڪرڻ به آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني ڪم جا بيشمار دُنيوي ۽ اُخروي فائدا آهن، ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي برڪت سان مسجد ۾ حاضري جي سعادت حاصل ٿيندي آهي۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي برڪت سان مسلمانن سان ملاقات ۽ سلام جي سُنَّت عام ٿيندي آهي۔٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي برڪت سان علمِ دِين سان مالامال قِيمتي مدني گل اُمّت ِ مسلمه تائين پهچايا ويندا آهن۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع ۾ بي نمازين کي نمازي بڻائڻ لاءِ گھڻا معاون ٿيندا آهن۔ ٭هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي تشهير ۽ نيڪ نامي ٿيندي آهي۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع ۾ گُھريون ويندڙ دُعائون قبول ٿينديون
آهن، ان جي علاوه صحابَه ڪرام ۽ اولياءِ ڪرام جي سيرتِ مبارڪه تي به بيان ٿيندا آهن۔ ۽ جيڪي خوش نصيب عاشقانِ رسول هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع ۾ شرڪت ڪندا آهن امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه انهن کي هيئن دعاءِ مدينه سان نوازيندا آهن۔
جو پابند ہے اجتماعات کا بھی میں دیتا ہوں اس کو دعائے مدینہ
اچو! تَرغِيب طور هفتيوار اِجتِماع ۾ حاضِري جي هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽