Book Name:Maraz Se Qabr Tak

   حڪيمُ الامت، حضرت مفتي احمد يار خانرَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰى عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: جيتوڻيڪ سڄي عمر ڪلمو پڙھندو رهيو پر مرڻ گھڙي ڪلمو ضرور پڙھڻ گھرجي جو ان جي برڪت سان بخشش ٿيندي۔ (مراٰۃ المناجيح، ۴۴۶/۲) معلوم ٿيو ته جڏهن به ڪنهن مسلمان جو آخري وقت اچي ته ان وٽ موجود ماڻهو ڪلمو پاڪ پڙهن، اللہ  جو ذڪر ڪن ۽ قرآن ڪريم جي تلاوت ڪن ته جيئن ان کي به ڪلمو پڙهڻ ياد اچي۔ جن ماڻهن کي موت جي سختين جي باوجود به ڪلمو پاڪ پڙهڻ نصيب ٿيندو آهي ۽ انهيء حالت ۾ ان جو رُوح نڪري ويندو آهي ته اهڙا ماڻهو گھڻا ئي خوش نصيب هوندا آهن ۔

ياد رکو:ڪنهن جي مرڻ وقت تلقين ڪرڻ جي باوجود به ان ڪلمو نه پڙهيو ته اسان اهو نه ٿا چئي سگهون ته ”ان جو خاتمو ايمان تي نه ٿيو“

عطار جي پياري جو قابلِ رشڪ وصال

           دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلس شوريٰ جا مرحوم نگران حاجي محمد مشتاق عطاري رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰى عَلَيْه ڪجھ عرصو بيمار رهيا ۽ انهيءَ بيماري ۾ سندن انتقال ٿيو۔ آخري وقت ۾ جيڪي اسلامي ڀائر ان جي ويجھو موجود هئا انهن جو چوڻ آهي ته رات جي وقت حاجي محمد مشتاق عطاري رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰى عَلَيْه جي طبيعت بگڙجڻ ۽ حالت غير ٿيڻ لڳي ته پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰى عَلَيْه ارشاد فرمايائون ته منهنجو رُخ قبلي ڏانهن ڪري ڇڏيو، پوءِ سندن حڪم مطابق سندن جو رُخ قبلي ڏانهن ڪيو ويو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰى عَلَيْه اکيون بند ڪيون درود و سلام ۽ ڪلمي پاڪ جو وِرد ڪرڻ لڳا۔ ڪافي دير تائين پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰى عَلَيْه انهيءَ طرح ذِڪر ۽ دُرود ۾ مصروف رهيا۔ پوءِ بلند آواز سان ڪلمو پاڪ لَآاِلٰه اِلَّااللّٰه مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰه صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڙھندي پڙھندي سندن تي نزع جو عالَم طاري ٿيو ۽ ڪجھ دير کان پوءِ سندن رُوح هن فاني دنيا مان عالَمِ بالا  ڏانهن پرواز ڪري