Book Name:Maraz Se Qabr Tak

جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سُنَّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں     نیک ہوجائیں مُسَلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عيادت ڪرڻ جا مدني گل!

 عيادت ڪرڻ رسول پاڪ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارَڪ سنّت آهي، اچو! ان باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌو۔ 2 فرمانِ مصطَفٰي صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ :{۱} عُوْدُوا الْمَرِيضَ يعني مريض جي عِيادت ڪريو (الادب المفرد، ص۱۳۷، حديث۵۱۸){۲} جنهن به سٺي طريقي سان وُضُو ڪيو پوءِ ثواب جي نيّت سان پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عِيادت ڪئي ته ان کي جهنّم کان 70 سالن جي فاصلي تائين پري ڪيو ويندو۔ (ابوداوٗدج۳ص۲۴۸حديث ۳۰۹۷) ٭ بيمار جي عِيادت ڪرڻ سنّت آهي جيڪڏهن معلوم آهي ته عِيادت ڪرڻ ان بيمار شخص کي نٿي وڻي ته انهيءَ حالت ۾ عِيادت جي لاءِ نه وڃي۔ (بهار شريعت ج۳ص۵۰۵) ٭ جيڪڏهن بيمار سان اوهان جي دل ۾ ناراضگي يا طبيعت ۾ ان سان مناسبت ناهي تڏهن به عيادت ڪريو. ٭ سنّت جي پيروي جي نيّت سان عِيادت ڪجي جيڪڏهن رڳو هن جي لاءِ عيادت ڪئي ته جڏهن مان بيمار ٿيان ته هو مون وٽ عيادت جي لاءِ اچي ته ثواب نه ملندو. ٭ ڪنهن جي عِيادت جي لاءِ وڃو ۽ مَرَض جي سختي ڏسو ته ان کي ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون نه ڪريو مثلاً تنهنجي حالت خراب آهي ۽ نه ئي ان انداز سان مٿو هلايو جنهن سان حالت جو خراب هجڻ سمجهيو وڃي. ٭ عيادت جي موقعي تي مريض يا ڏکايل شخص جي سامهون پنهنجي چهري تي رنج ۽ غم جي ڪيفيت ظاهر ڪيو. ٭ ڳالهه ٻولهه جو انداز هرگز اهڙو نه هجي جو مريض يا سندس عزيزن کي وسوسا اچن ته هي اسان جي پريشاني تي خوش ٿي رهيو آهي! ٭ مريض جي گهر وارن سان به همدردي جو اظهار ڪريو ۽ جيڪڏهن خدمت يا مدد ڪرڻ چاهيو ته ڪريو. ٭ مريض وٽ وڃي ڪري طبعيت پڇو ۽ هن جي لاءِ صحّت ۽ عافيت جي دُعا ڪريو. ٭ مريض کان پنهنجي لاءِ دُعا ڪرايو مريض جي دُعا رد ناهي



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵