Book Name:Maraz Se Qabr Tak

خبر هئي ته ڪنهن جي انتقال تي پيئسا ڏيئي مردي کي غسل ڪرايو ويندو آهي، مسجد جا امام صاحب جنازو پڙهائي ڇڏيندا آهن، ميت جا دوست احباب تدفين به ڪري وٺندا آهن،ان ڪري اسان کي ان کان ڇا .

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هوش ڪريو اڄ وقت آهي پاڻ به علم دين سکو ۽ پنهنجي اولاد کي به ديني مسئلا سيکاريو، نيڪ عمل جي ترغيب سان گڏوگڏ گناهن کان نفرت ڏياريو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان اوهان کي به علم جو وڏو خزانو هٿ ايندو ۽ جيڪڏهن اوهان جو اولاد نيڪ بڻجي ويو ته مرڻ کان پوءِ اوهان جي لاءِ ثوابِ جاريه جو ذخيرو ٿيندو۔

ڪتاب جو تعارف!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تجهيز ۽ تڪفين (ڪفن دفن) جي مسئلن جي معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڄ ئي مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”تجهيز اور تڪفين کا طريقه“ حاصل ڪريو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ مريض جي عيادت ۽ وقتِ نزع کان وٺي تجهيز وتڪفين ۽ تدفين جي باري ۾ معلومات موجود آهي۔ تنهنڪري اڄ ئي مڪتبةُ المدينه تان هن ڪتاب کي هديةً حاصل ڪيو ۽ ان جو مُطالعو پاڻ به ڪيو ۽ ٿي سگھي ته ٻين اسلامي ڀائرن کي به ترغيب ڏياريو۔ هن ڪتاب کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

مجلس تجهيز و تڪفين جو تعارف

 اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي 104 شعبن (Departments) مان هڪ شعبو مجلس تجهيزوتڪفين به آهي جنهن جو مقصد مسلمانن کي غسل ۽ ڪفن جي باري ۾

اهم شرعي مسئلن کان آگاھ ڪرڻ، مجلس جي اسلامي ڀائرن جي وقت بوقت تربيت ڪرڻ، تربيت يافته اسلامي ڀائرن جو مسلمانن جي خير خواهي ڪندي مُردي جي غسل ۽ ڪفن جو اهتمام ڪرڻ ۽ لواحقين (رشتيدار) کي صبر جي تلقين ڪرڻ آهي۔ ڪنهن جي انتقال تي پنهنجي علائقي ۾مجلسِ تجهيزوتڪفين جي