Book Name:Maraz Se Qabr Tak

کان محفوظ ٿي ويندو آهي ته پوءِ تمام اوليا ۽ انبيا جي سردار، حضور نبي

 رحمت صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قرب يعني جنت البقيع ۾ مدفون مسلمانن جي عظمت ۽ شان ڇا هوندو۔ اللہ ڪريم اسان کي مديني پاڪ ۾ ايمان ۽ عافيت سان شهادت ۽ جنَّتُ البقيع ۾ مَدفن ۽ جنتُ الفردوس ۾ پنهنجي حبيبصَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن ۾ جڳھ عطا فرمائي۔            اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

 

ایمان پہ دے موت مدینے کی گلی میں    مدفن مرا محبوب کے قدموں میں بنادے

اللہ کرم اتنا گنہ گار پہ فرما     جنّت میں پڑوسی مرے آقا کا بنادے

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مُردن کي ايصالِ ثواب سان فائدو پهچايو

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مُردي جي تدفين کان بعد ان جي لاءِ دعاءِ مغفرت ۽ ايصالِ ثواب جو مرحلو ايندو آهي جيڪو قيامت تائين جاري رهندو آهي ۽ مُردو هميشه پنهنجي گھر وارن جي ايصال ثواب جي انتظار ۾ رهندو آهي ڇوته جيستائين هو زنده هو ته ان جا وَالِدين، ڀيڻ ڀائر ۽ دوست عزيز وغيره موجود ان جي هر ڏُک درد ۽ آزمائشن ۾ ان سان گڏ رهندا هئا ۽ ان جو غم هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا پر جڏهن هو سڀني کي ڇڏي تنگ ۽ اونداهي قبر ۾ آيو ته نه والدين ان سان گڏ آهن، نه ڀيڻ ڀاءُ، نه اهل وعيال، ايستائين جو ان جا دوست احباب به ان کان پري ٿي ويا ۽ هي قبر ۾ اڪيلو رهجي ويو۔ جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي فوت ٿيل مسلمان ڀاءُ سان خير خواهي ڪريون قبر جي اڪيلائپ ۾ ان کي خُوشي ڏيون، ان جي راحت جو سامان ڪريون ته ان جي لاءِخُوب خُوب بخشش جي دعا ۽ ايصالِ ثواب جا تحفا پيش ڪريون ڇوته ايصالِ ثواب سان مُردي کي خُوشي ٿيندي آهي ۽ ان تي رحمتِ الٰهي جي برسات ٿيندي آهي ۽ مُردن کي پنهنجن زنده رشتيدارن جي طرفان ايصالِ ثواب جو شدت سان انتظار رهندو آهي،