Book Name:Maraz Se Qabr Tak

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

& نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس & ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس & ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس & ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس & صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُاللہ  , تُوبُوا اِلَـي اللہ ! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس & بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حضور صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجن عيادت فرمايائون

حضرتِ سَيدُنا حصين بن وَحوَح انصاري رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا طلحه بن براء رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه بيمار ٿيا ته اُمَّت جا غمخوار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي عيادت جي لاءِ تشريف فرما ٿيا، جڏهن ته سياري جو موسم هو ۽ آسمان تي ڪڪرَ ڇانيل هئا، واپسي تي حضرت طلحه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه جي گھروارن کي فرمايائون ته هاڻ انهن جو آخري وقت معلوم ٿئي ٿو، مون کي خبر ڪجو ته مان انهن جي جنازي نماز پڙھان ۽ انهن جي تجهيز (دفن جي لاءِ تيار