Book Name:Maraz Se Qabr Tak

صبري جي انتها ٿيندي آهي ۽ اللہ  پاڪ جي ذات سان شڪوا شڪايات ڪندي ڪفريات به بڪيا ويندا آهن جنهن سان ٻانهي جو ايمان ضائع ٿي ويندو آهي۔

ٽن ڏينهن کان وڌيڪ سوڳ (ڏک)لهائڻ

ميت جي موقعي تي خلاف ِشريعت ڪمن مان هڪ ڪم ٽن ڏينهن کان وڌيڪ عرصي تائين سوڳ ملهائڻ به آهي جيڪو حرام آهي۔ اِسلام کان پهريان عرب ۾ بيوه عورت مڙس جي اِنتقال کان بعد هڪ سال تائين بُري گھر بُري لباس ۾ رهندي هئي ۽ تمام گھر وارن کان عليحدگي اختيار ڪندي هئي۔ (مرآۃ المناجيح، ۵/۱۵۱) ۽ ائين هڪ سال تائين سوڳ ڪندي هئي۔ پر اسلام اچڻ کان بعد تاجدارِانبياء، حبيبِ خدا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڙس جي علاوه ٻين رِشتيدارن جي (اِنتقال تي) سوڳ جي لاءِ ٽي (3) ڏينهن مُقرَّر فرمايا۔ (صحابه ڪرام کا عشقِ رسول ،ص۲۳۰) جڏهن ته زال پنهنجي مڙس جي وَفات تي عِدَّت جي مُدّت چار مهينا ڏھ ڏينهن تائين سوڳ ۾ رهندي۔ اَلبت ڪنهن قريبي (رِشتيدار) جي مري وڃڻ تي عورت کي ٽن ڏينهن تائين سوڳ ڪرڻ جي اِجازت آهي ان کان وڌيڪ جي (اِجازت) نه آهي۔ (ردالمحتار، ڪتاب الطلاق، فصل في الحداد، ج۵، ص۲۲۳)

جڏهن رَسُولُ اللہ  صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ دَورِ جاهليت جي هن طريقي کي ختم فرمايو ته صحابيات رَضِىَ اللہ  تَعَالٰی عَنۡھُنَّ حضور جي هن فرمان تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اها غلط رسم ختم ٿي وئي۔ پوءِ جڏهن حضرت سَيدَتُنا زينب بنت حَجَش رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْها جي ڀاءُ جو اِنتقال ٿيو، ته اُنهن خوشبو گھرائي لڳائي ۽ چيائين ته مون کي خُوشبو جي ضرورت نه هئي پر مون پاڻ سڳورن صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مِنبَر تي اهو فرمائيندي ٻڌو آهي ته ڪنهن مُسَلمان عورت جي لاءِ جائز نه آهي ته اها ٽي ڏينهن کان وڌيڪ ڪنهن جو سوڳ ڪري پر مڙس جي انتقال تي چار مهينا ڏھ ڏينهن۔ (سنن ابي داود، ڪتاب الطلاق، باب احدادالمتوفي عنها زوجھا، ج۲،ص۴۲۲ ،حديث:۲۲۹۹) اهڙي طرح جڏهن اُمُّ المومنين حضرت سَيدَتُنا اُمِّ حَبِيبَه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْها جا والد (حضرت