Book Name:Maraz Se Qabr Tak

رَّسُولُ اﷲ" پر ان کي پڙھڻ جو حڪم نه ڏيو۔ ٭ جڏهن ان ڪلمو پڙھي ورتو ته تلقين بند ڪريو۔ جيڪڏهن ڪلمو پڙھڻ کان بعد ان ڪا ڳالھ ڪئي ته ٻيھر تلقين ڪريو جو ان جا آخري لفظ "لَا اِلٰه الَّا ﷲ مُحَمَّدرَّسولُ اللہ " هجن ٭ تلقين ڪرڻ وارو نيڪ شخص هجي، ڇوته ان وقت نيڪ ۽ پرهيز گار ماڻهن جو هئڻ تمام سٺي ڳالھ آهي ۽ ان وقت مريض وٽ سوره يٰس شريف جي تلاوت ڪئي وڃي ۽ اتي خوشبو هئڻ مستحب آهي۔ ٭ ڪوشش ڪئي وڃي ته گھر ۾ ڪا تصوير يا ڪتو نه هجي، جيڪڏهن اهي شيون هجن ته هڪدم ڪڍي ڇڏيو ڇوته جتي اهي شيون هونديون آهن اتي رحمت جا ملائڪ نه ايندا آهن۔ ٭ جڏهن روح نڪري وڃي ته هڪ ويڪري پٽي ڄاڙي جي هيٺ کان مٿي ڏانهن کڻي ڳنڍ لڳائي ڇڏيو ته جيئن منهن کليو نه رهي ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيو ۽ اڱريون ۽ هٿ پير سڌا ڪري ڇڏيو، ان جي گھر وارن ۾ جيڪو وڌيڪ نرمي سان ڪري سگھندو هجي پيءُ يا پٽ اهو ڪري۔  

 (بهارِ شريعت،۸۰۷،۸۰۸/۱،ملخصاً)

مرڻ گھڙي ڪلمو پڙھڻ جي فضيلت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن ڪڏهن اهڙو موقعو اچي ته اسان پنهنجي عزيز ۽ رشتيدار، دوست احباب يا ڪنهن به مسلمان کي ان ڪيفيت ۾ ڏسون ته انهن مدني گلن تي عمل ڪرڻ ۾ هرگز سستي (Laziness) سان ڪم نه وٺون ڇوته اسان جي ٿورڙي توجھ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مرڻ واري جي لاءِ نجات ۽ مغفرت جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔ خاص ڪري مرڻ واري کي ڪلمي شريف جي تلقين ته ضرور ڪرڻ گھرجي، حديثِ پاڪ ۾ مرڻ وقت ڪلمو پڙھڻ واري جي لاءِ جنت جي بشارت آهي۔ حضرت معاذبن جبل رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته نبي رحمت،شفيع امت صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنۡ كَانَ آخِرُ كَلَامِهِ لَا اِلٰهَ اِلَّا اللّٰه دَخَلَ الۡجَنَّةَ يعني جنهن جو آخري ڪلام لَا اِلٰه اِلَّا اللہ  هجي اهو جنَّت ۾ ويندو۔

 (ابو داود،ڪتاب الجنائز، باب في التلقين ،۳/۲۵۵ ، حديث:۳۱۱۶)