Book Name:Maraz Se Qabr Tak
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته موت جو جام ڪهڙو ڪڙو آهي جو جيڪو نه چاهيندي به هر هڪ کي پيڻو پوندو آهي۔ نزع جو وقت اهڙو نازُڪ هوندو آهي جو ان ۾ هڪ پاسي ته موت جون هي مصيبتون ۽ ٻي پاسي شيطان لَعِين جا حملا (Attacks)۔ ڇوته شيطان موت جي وَقت اِيمان برباد ڪرڻ جي لاءِ طرح طرح جا حيلا بهانا اِستعمال ڪندو آهي، ايستائين جو ماءُ پيءُ جي صورت اختيار ڪري به بعضن جي اِيمان تي ڌاڙو وجھندو آهي ۽ غيرمسلمن کي دُرُست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔
اهڙي موقعي تي اللہ رَحمٰن جو جنهن تي خاص ڪرم ۽ اِحسان ٿيندو آهي، هو شيطان جي هٿان پنهنجو ايمان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي۔ اهڙي حالت ۾دينِ اسلام اسان کي هڪ مسلمان سان خيرخواهي ڪرڻ جو ڇا حڪم ڏنو آهي
۽ رُوح نڪرڻ کان پهريان ۽ بعد ۾ ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گھرجي، اچو! ان باري ۾ ڪجھ اَهم (Important) مدني گل ٻڌون ٿا جن تي عمل ڪرڻ نه صرف اسان جي لاءِ بلڪ ان مرڻ واري جي لاءِ به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نهايت مفيد ثابت ٿيندو۔ ٿي سگهي ته ٻڌڻ سان گڏو گڏ ان جو تصور ائين ڪريو ته عنقريب اهو سڀ ڪجهه مون سان به ٿيڻ وارو آهي، اڄ جيڪي ڪجهه مان ڪنهن مرڻ واري سان معاملا ڪري رهيو آهيان، جلدي ئي مون کي به آخرت جي سفر ڏانهن وڃڻو آهي، اللہ ڪري ان کان پهريان پهريان منهنجي اکين مان به غفلت جو پردو هٽي وڃي ۽ مان به جيئري ئي پڪو نمازي بڻجي وڃان، ٻين فرضن ۽ واجبن کي ادا ڪرڻ سان گڏو گڏ سنتن جو عامل بڻجي وڃان، پڪي ۽ سچي توبهه نصيب ٿي وڃي، اي ڪاش مان سڌرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان جيئن ته
٭ جڏهن مريض تي موت جون علامتون ظاهر ٿين ته سُنَّت هي آهي ته ساڄي پاسي ليٽائي قبلي ڏانهن مُنهن ڪريو۔ (ائين ڪرڻ ۾ مريض کي تڪليف ٿئي ته ائين نه ڪريو۔) ٭ قريبُ المرگ (يعني مرڻ جي ويجهو) هجي ته ان کي تلقين ڪريو، يعني ان جي ويجھو وڏي آواز سان پڙھو: اَشھَدُ اَن لَّا اِلٰه اِلَّا ﷲُ وَاَشھَدُ اَنَّ مُحَمَّداً