Book Name:Maraz Se Qabr Tak

ٿيندو آهي جنهن ۾ موت جون علامتون نظر اينديون آهن ۽ ان تي سڪرات جو وقت هوندو آهي، ائين لڳندو آهي ته بس ڪجھ ئي دير ۾ ان جو رُوح نڪري ويندو۔ اهڙي صورت ۾ روئڻ ررڙيون ڪرڻ بدران صبر سان ڪم وٺي اهو ذهن بنائڻ گھرجي ته جيڪو هن دنيا ۾ آيو آهي ان کي هڪ ڏينهن هتان وڃڻو به آهي بلڪ ان وانگر اسان کي به هڪ ڏينهن مرڻو پوندو ۽ ان کان بعد وارن مرحلن مان گذرڻو پوندو۔ ياد رکو! جنهن تي سڪرات جو عالَم طاري هجي ان جو هڪ هڪ لمحو اسان کي به موت جي ياد ڏياري ٿو پر اسان پنهنجي موت کي وساري خبر ناهي ڪهڙي ”سڀاڻي“ جي انتظار ۾ مطمئن ٿي ويٺا آهيون ته جنهن ۾ گُناهن کان توبه ڪنداسين، پنهنجي بداعمالين کي ڇڏي نيڪيون شروع ڪنداسين، هر ڏينهن

اُٿندڙ جنازا خبر ناهي ڇو اسان کي غفلت مان جھنجھوڙي نه ٿا بيدار ڪن۔

       حضرت سَيدُنا منصور بن عمار رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰى عَلَيْه هڪ نوجوان کي نصيحت ڪندي فرمايائون: اي نوجوان! تو کي تنهنجي جواني ڌوڪي ۾ نه وجھي ڪيترا ئي نوجوان اهڙا هئا جن توبه ۾ تاخير ڪئي ۽ وڏيون وڏيون اُميدون رکي موت کي وساري اهو چوندا رهيا ته سڀاڻي توبه ڪري وٺنداسين، پرهين توبه ڪنداسين ايستائين جو انهيءَ غفلت جي حالت ۾ ملڪ الموت عَلَيه السَّلَام اچي ويو ۽ اهي قبر جي حوالي ٿيا۔  (مڪاشفۃ القلوب، باب في العشق، ص۳۴)

      ياد رکو! نزع جو وقت نهايت ئي سخت هوندو آهي جيڪو ان ڪيفيت مان گذري ٿو اهو ئي ان جي سختين کي محسوس (Feel) ڪري سگھي ٿو، جيڪڏهن مُردو قَبر مان نڪري دُنيا وارن کي موت جي تڪليف جي ڪيفيت ٻڌائي ته انهن جي زِندگي جو چين ۽ سُڪون برباد ٿي وڃي۔ نزع جي سختين جو تذڪرو ڪندي حضرت سيدُنا شَدّاد بن اَوس رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا:مومن تي دُنيا ۽ آخرت ۾ موت کان وڌيڪ ڪا خوفناڪ شيء نه آهي جو ان جي تڪليف آرين جي چِيرڻ، قينچين جي ڪٽڻ ۽ ديڳڙين ۾ ٽهڪائڻ کان به وڌيڪ آهي، جيڪڏهن ڪو مُردو قَبر مان نڪري دُنيا وارن کي موت جي باري ۾ ٻڌائي ته ماڻهو زِندگي مان ڪو نَفعو کڻي نه سگھن نه ئي ننڊ ۾ ڪو سُڪون محسوس ڪن۔        (احياء العلوم،ج۵ص۲۰۹)