Book Name:Maraz Se Qabr Tak

جيئن ته

رسولِ خدا،حبيب ڪبريا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: قبر ۾ مُردي جو

 حال ٻڏندڙ انسان جيان آهي جيڪو شدّت سان انتظار ڪندو آهي ته پيءُ يا ماءُ يا پٽ يا ڪنهن دوست جي دعا ان کي پهچي ۽ جڏهن ڪنهن جي دعا ان کي پهچندي آهي ته ان جي ويجھو اها دنيا ۽ ان ۾ جيڪو ڪجھ آهي سڀ کان بهتر هوندي آهي۔ اللہ  عَزَّ وَجَلَّ قبر وارن کي ان جي زندهه متعلقين جي طرفان هدِيو ڪيل ثواب جبلن جي برابر عطا ڪندو آهي، زندهه جو تحفو مُردن جي لاءِ ”دعاءِ مغفرت ڪرڻ“ ۽ ان جي طرفان ”صدقو ڪرڻ“ آهي۔   (فردوس الاخبار، ۲/۳۳۶، حديث: ۶۶۶۴)

 

بھیجو اے بھائیو مجھے تحفہ ثواب کا    دیکھوں نہ کاش قبر میں،میں منہ عذاب کا

 

ايصالِ ثواب جي باري ۾ مزيد معلومات جي لاءِ شيخ ِ طريقت ،امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو رسالو ”فاتحه ۽ ايصالِ ثواب جو طريقو“ مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪري پاڻ به مطالعو (Study) ڪريو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به تحفي طور پيش ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

بيان جو خلاصو

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان مرض کان قبر تائين ڪجھ اهم مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اسان ٻڌو ته

٭  مريض جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ وڃڻ پياري آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سُنت آهي۔

٭  مريض جي عيادت ڪرڻ واري جا گناھ معاف ٿيندا آهن۔

٭  مريض کي عيادت ڪرڻ واري جي ڳالهين مان تڪليف ٿئي ته جلدي اُٿي وڃڻ گھرجي۔