Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

ٿيندي. ٭ عِيادت ڪندي موقعي جي مناسبت سان مريض کي نيڪي جي دعوت به پيش ڪجي، خُصوصاً نماز جي پابندي جو ذهن ڏجي ڇو ته بيماري ۾ ڪيترائي نمازي به نمازن کان غافل ٿي ويندا آهن. ٭ مريض جي ڀرسان گهڻي دير تائين نه ويهو ۽ نه گوڙ ڪريو ها جيڪڏهن بيمار پاڻ ئي دير تائين ويهارڻ جو خواهش مند آهي ته ممڪن هجي ته اوهان هن جي جذبن جو احترام ڪريو. ٭ بيمار جي عِيادت جي موقعي تي تحفو

 ڏيڻ سٺو ڪم آهي پر نه ڏيڻ جي صورت ۾ عِيادت ئي نه ڪرڻ ۽ دل ۾ هي خيال ڪرڻ ته جيڪڏهن ڪجهه نه کڻي ويندس ته اهي ڇا سوچيندا ته خالي هٿين عِيادت جي لاءِ آيو آهي۔ خالي هٿ به عِيادت ڪرڻ ئي گهرجي نه ڪرڻ ثواب کان محرومي جو باعث آهي  ٭توهان عِيادت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه فروٽ ۽ بسڪيٽ وغيره تحفي طور وٺڻ لڳو ته مشورو آهي ته مڪبتة المدينہ جا شايع ٿيل ڪجهه مدني رسالا به وٺي مريض کي پيش ڪريو،ته جيئن اهو ملڻ وارن (۽ جيڪڏهن اسپتال ۾ آهي ته) ڀروارن مريضن ۽ هن جي عزيزن کي تحفي طور ڏئي، بلڪ خوش نصيبي جو! مريض پاڻ به ڪجهه مدني رسالا هديةً گهرائي هن ارادي سان پاڻ وٽ رکي ثواب ڪمائي. ٭ فاسِق جي عِيادت به جائز آهي، ڇو ته عِيادت اسلام جي حقن مان آهي ۽ فاسق به مسلمان آهي.     (بهار شريعت ج 3، ص 505) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

مجھ کو جذبہ دے سفر کا کرتارہوں پروردگار    سنتوں کی تربیت کے قافلے میں بار بار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد