Book Name:Maraz Se Qabr Tak
ٺيڪ آهيان (4) طبيعت فرسٽ ڪلاس آهي (5) اي ون طبيعت آهي (6) ڪنهن به قسم جي تڪليف ناهي (7) مزي ۾ آهيان (8) ذرو برابر به ڪو مسئلو ناهي (9) هڪ دم فٽ آهيان.ان موقعي تي اهڙي طرح جا جواب ڪوڙ ۾ شمار ٿيندا آهن.ڪڏهن وري عيادت ڪرڻ وارا طِبّي معاملن کان لاعِلم هوندي به مختلف علاج ۽ ٽوٽڪا اپنائڻ جا مشوره (Suggestions) ڏيندا آهن ۽ فضول سوال ۽ ٻارن جي شور شرابي سان مريض کي بيزار ڪندا آهن، جڏهن ته عيادت ڪندي وقت مريض جي ڪيفيت جو خيال رکڻ بيحد ضروري آهي، جيڪڏهن اهو محسوس ٿئي ته اسان جي موجودگي مريض جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي
رهي آهي ته جلد ئي اُٿڻ گھرجي ڇوته فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: اَفْضَلُ الْعِيادَۃِ سُرْعَۃُ الْقِيام يعني بهترين عيادت جلد اُٿي وڃڻ آهي۔ (شعب الايمان، باب في عيادۃ المريض، فصل في آداب العيادۃ،۶/ ۵۴۲، حديث: ۹۲۲۱) تنهنڪري جڏهن به مريض وٽ وڃو ته ان سان خوش اخلاقي سان پيش اچون، اهڙيون ڳالهيون ڪريون جو ان جو حوصلو بلند ٿئي ۽ رحمتِ الٰهي تي ان جي اُميد مضبوط ٿئي ۽ بيماري ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻ جون فضيلتون ٻڌايون ته جيئن مريض پنهنجي رَبِّ ڪريم جي طرفان اچڻ واري ان آزمائش تي صبر ڪندي اجر ۽ ثواب ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھي۔ موقعي جي مناسبت سان ٿي سگهي ته مريض کان سٺيون سٺيون نيتون ڪرايون، مثال طور صحتياب ٿي وڃڻ جي صورت ۾ پنج وقت باجماعت نماز پڙهندس، دورانِ بيماري به نماز قضا نه ٿيڻ ڏيندس، خوب خوب نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائيندس، 12 مدني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺندس، مدني قافلن جو مسافر ٿيندس، مدني انعامات جو عامل بڻجندس وغيره ڪنهن مصيبت يا بيماري تي صبر ڪرڻ جون گھڻيون فضيلتون آهن، اچو ان باري ۾ ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو، جيئن ته
٭ ارشاد فرمايائون: جنهن جي مال يا جان ۾ مصيبت آئي پوءِ هن ان کي لِڪايو ۽ ماڻهن تي ظاهر نه ڪيو ته اللہ عَزَّوَجَلَّ تي حق آهي ته ان جي مغفرت فرمائي۔