Maraz Se Qabr Tak

Book Name:Maraz Se Qabr Tak

جي عيادت جي لاءِ وڃڻ ٿئي ته خيريت پڇڻ جي لاءِ خوش اخلاقي سان وڏو شفقت ڀريو لهجو اختيار ڪريو ۽ ان جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪريو جيئن ته حضرتِ سيدنا عبداللہ  بن عباس رَضِىَ اللہتَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته امت جا غمخوار، بيڪسن جا مددگار صَلَّى اللہتَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ڪنهن مريض جي عيادت جي لاءِ تشريف کڻي ويندا هئا ته فرمائيندا هئا: لَا بَأۡسَ طَهُوۡرٌ اِنۡ شَآءَ اللّٰه۔ يعني ڪنهن پريشانيءَ جي ڳالھ نه آهي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهو مرض گناهن کان پاڪ ڪرڻ وارو آهي۔

(بخاري، ڪتاب المناقب،باب علامات النبوة۔۔الخ،۲/۵۰۵،حديث:۳۶۱۶)

یہ تِرا  جسم جو بیمار ہے تشویش نہ کر    یہ مرض تیرے گناہوں کو مٹا جاتا ہے

اصل آفت تو ہے ناراضی ربِّ اکبر  اس کو کیوں بھول کے بر باد ہوا جاتا ہے

 

          مريض جي عيادت ڪندي وقت اڄوڪي دور ۾ اهڙو ماحول به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عيادت جي لاءِ ايندڙ، مريض جي دلجوئي ڪرڻ بدران ان جي پريشاني ۽ دل آزاري جو سبب بڻجندا آهن۔ ڪڏهن ڪڏهن ته مريض جي عيادت جي لاءِ گڏجي کوڙ ماڻهو پهچي ويندا آهن ۽ ان جي مٿي تي بيهي طرح طرح جا سوال ڪندا آهن، بنا سبب جي بيماري بابت تفصيل پڇندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن مريض کان اهڙا سوال پڇا ويندا آهن جو جواب ۾ مريض ويچارو شايد ڪوڙ به ڳالهائي ڇڏيندو هوندو، جي ها امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مسلمان امتين جي خير خواهي جي پيش نظر پنهنجي رسالي ”بيمار عابد“ ۾ هن کي بيان فرمايو آهي:اسان به توجهه سان ٻڌون ؛ ته جيئن اسان به ڪنهن مريض جي عيادت ڪرڻ واري عظيم سنت تي عمل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريون ته مريض کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي مصيبت ۾ مبتلا ڪرڻ جو سبب نه بڻجون ۽ مريض کي به گهرجي ته ڪوڙ کان ڪم وٺڻ جي بجائي سچ جو دامن نه ڇڏي، ڪڏهن ڪڏهن جڏهن مريض کان پڇيو ويندو آهي:توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟ پوءِ طبيعت خراب هجڻ جي باوجود هن طرح جا جواب ملندا آهن (1) صحيح آهيان (2) گهڻو ٺيڪ آهيان (3) بلڪل