Book Name:Maraz Se Qabr Tak

جھيڙن جھٽن کي بنياد بڻائي آخري ڀيري ان کان ملڻ تائين نٿو وڃي،اڳي ائين هوندو هو ته ڪنهن سبب ٻن ماڻهن ۾ لڙائي ٿي وئي ته ٽيون نرمي سان سمجهائي ڇڏيندو هو، ڇڏرائيندو هو، پر بدقسمتي سان سوشل ميڊيا جي هن دؤر ۾ هاڻي نوبت ايتري تائين پهچي چڪي آهي جو ٻه وڙهي رهيا هجن ته ٽيون ويڊيو بڻائي رهيو هوندو آهي،ڪنهن جو ايڪسڊينٽ (Accident) ٿي وڃي ته ان کي اسپتال کڻي وڃڻ وارو ڪو نه هوندو آهي، بلڪ بدقسمتي سان بري ذهنيت جا مالڪ ناواقف ان مريض جو سامان مثال طور موبائيل، پيئسا، زيور کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهن،ڪاروباري مصروفيتن جي ڪري اسان وٽ ڪنهن جي عيادت جي لاءِ وقت نه آهي، جڏهن ته مريض جي گھر وڃي عيادت ڪرڻ، ان جي دلجوئي جي لاءِ ان وٽ ويهڻ، ان کي نيڪي جي دعوت ڏيندي توبه ۽ استغفار جي ترغيب ڏيارڻ ۽ ان جي صحت جي لاءِ دعا ڪرڻ اجر ۽ ثواب جو سبب آهي۔

تُو سارے مریضوں کو اللہ شفا دیدے    اچھا ہے فقط وہ جو بیمارِ مدینہ ہے

افسوس مرض بڑھتا جاتا ہے گناہوں کا     دے دیجے شفا عرض اے سرکار مدینہ ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دينِ اسلام اسان کي حُسنِ اخلاق جو درس ڏيندي مريض جي دلجوئي ۽ ان جي غمخواري جي لاءِ ان جي عيادت جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان جا آداب به سيکاريا آهن۔ مريض جي عيادت سان ان جي تڪليف گھٽ ته ناهي ٿيندي پر ان جي دل ضرور خوش ٿيندي آهي۔ تنهنڪري اسان کي پنهنجن رشتيدارن سان گڏوگڏ اسپتالن ۾، گهرن ۾ موجود مريضن جي عيادت جي لاءِ به وڃڻ گهرجي ڇو ته ڪجهه اسپتالن ۾ اهڙا ڏکايل مريض به هوندا آهن جن جي خبرچار وٺڻ وارو ڪو به ناهي هوندو ۽ اهي ويچارا حسرت ڀري نگاهن سان ٻين کي ڏسندا آهن ۽ دل جو دل ۾ ڄڻ ته هي چئي رهيا هوندا آهن، اي ڪاش! ڪو اسان جي عيادت جي لاءِ به اچي ۽ اسان جو حال احوال معلوم ڪري۔ ڪاش! ڪو اسان سان به همدردي سان پيش اچي۔ ڪاش ڪو اسان جي صحتيابي جي لاءِ به دعائون ڪري۔ اهڙي موقعي