Book Name:Maraz Se Qabr Tak

تي يا جڏهن به وقت ملي ته سٺين سٺين نيتن سان هڪ ڏينهن مقرر (Fixed) ڪري انهن مريضن جي عيادت به ڪرڻ گھرجي، ان سان مدني انعام نمبر 53 تي به عمل ٿي ويندو؛ ڇا اوهان هن هفتي گھٽ مان گھٽ هڪ مريض يا ڏکويل جي گھر يا اسپتال وڃي سُنّت مطابق غمخواري ڪئي؟ ۽ ان کي تحفي (چاهي مڪتبة المدينه جو شايع ڪيل رِسالو يا پمفلٽ) پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ تعويذاتِ عطاريه جي اِستعمال جو مشورو ڏنو؟

اچو! مريض جي عيادت تي مشتمل (2) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللہتَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ اخلاص سان عمل جي نِيت به ڪريو ۔ جيئن،ته

٭  ارشاد فرمايائون:جيڪو ڪنهن مريض جي عيادت ڪري ٿو يا اللہ  پاڪ جي رضا جي لاءِ پنهنجي ڪنهن مسلمان ڀاءُ سان ملڻ لاءِ ويندو آهي ته هڪ پڪارڻ وارو ان کي مخاطب ڪري چوندو آهي ته خوش ٿي وڃ ڇوته تنهنجو هي هلڻ مبارڪ آهي۽ تو جنت ۾پنهنجو ٺڪاڻو بڻائي ورتو آهي۔      

                         (ترمذي، ڪتاب البر والصلة، باب ماجاء في زيارة… الخ،۳ /۴۰۶، رقم:۲۰۱۵)

٭  ارشاد فرمايائون: جنهن مريض جي عيادت ڪئي اللہ  ڪريم ان تي پنجهتر (75،000) هزار ملائڪن جي ذريعي ڇانو ڪندو ۽ ان جي هر قدم کڻڻ تي ان جي لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي ۽ ان جي هر قدم رکڻ تي ان جو هڪ گناھ مٽايو ويندو ۽ هڪ درجو بُلند ڪيو ويندو، جڏهن هو مريض سان گڏ ويهندو ته رحمت ان کي ڍڪي وٺندي ۽ پنهنجي گھر واپس موٽڻ تائين رحمت ان کي ڍڪي رکندي۔ (الترغيب و الترھيب، ڪتاب الجنائز، باب التر غيب في عيادۃ ۔۔الخ، ۴/ رقم ۱۳، ص ۱۶۳)

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته مُسلمان جي عيادت ڪرڻ ڪيتري قدر فضيلت واري آهي جو ملائڪ مريض جي عيادت ڪرڻ واري خوش نصيب کي جنت ۾ ٺڪاڻي جي خوشخبري ڏيندو آهي۔ مريض جي عيادت ڪرڻ واري تي پنجهتر هزار ملائڪ رحمت جي ڇانو ڪندا آهن۔ مريض جي عيادت ڪرڻ واري جي هر قدم تي ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا آهن۔ مريض جي عيادت ڪرڻ واري تي رحمتِ الٰهي جي برسات ٿيندي آهي۔ تنهنڪري جڏهن ڪنهن بيمار