Book Name:Maraz Se Qabr Tak

ڪرڻ) ۾ جلدي ڪجو۔ حضورِ اقدس صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ محله بني سالم تائين پهتا هئا ته انهن جي وفات ٿي وئي۔ حضرت طلحه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه رات شروع ٿيڻ تي پنهنجي گھروارن کي وَصيت (Will) ڪئي هئي ته جڏهن مان مران ته مون کي دفن ڪري ڇڏجو ۽ حضورِ اقدس صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نه سڏجو، مون کي غير مسلمن طرفان انديشو آهي ته حضور صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي منهنجي سبب کان ڪا تڪليف نه پهچائن، انهن جي گھروارن ائين ئي ڪيو۔ صبح نبي ڪريمصَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خبر پئي ته پيارا آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت طلحه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه جي قبرِمبارڪ تي آيا، صحابَه ڪرام صف ٺاهي پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هٿ کڻي دعا ڪئي:اي اللہ  پاڪ!طلحه سان تنهنجي ملاقات ان حال۾ٿئي جو هو مرڪندا هجن۔

 (المعجم الڪبير،۲۸/۴، حديث : ۳۵۵۴، ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!اوهان ڏٺو ته اسان جا پيارا ۽ غمخوار آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سخت سردي جي باوجود پنهنجي پياري صحابي حضرت طلحه بن براء رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه جي عيادت جي لاءِ تشريف کڻي ويا ۽ جڏهن انهن جي وفات ٿي ته انهن جي قبر تي وڃي انهن جي لاءِ بخشش جي دعا به ڪئي۔ پر افسوس! اڄوڪي  دؤر ۾ اسان هن پياري سُنَّت جي ادائيگي ۾ به سستي جو شڪار نظر اچون ٿا، دُنياوي مال ۽ دولت حاصل ڪرڻ ۾ مست ٿي اسان اهو وساري ويٺا آهيون ته مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن، اسان اهو وساري ويٺا آهيون ته حقيقي مسلمان هڪٻئي جي ڏُک درد ۾ شريڪ ٿيندا آهن، اسان اهو وساري ويٺا آهيون ته هڪ حقيقي مسلمان پنهنجي بيمار، تنگدست ۽ پريشان حال ڀاءُ جي مدد ڪرڻ وارو هوندو آهي۔ اڄ اسان جي حالت کي خبر ناهي ڇا ٿي ويو آهي جو سڳن ڀينرن ڀائرن ۾ مَحَبَّت ختم ٿيندي پئي وڃي، ڀاءُ سڪرات جا آخري پساھ کڻي رهيو هوندو آهي ۽ ٻيو ڀاءُ پُراڻن