Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

تِرے  اَخْلاق پر قُرباں تِرے اَوْصاف پر وارِی         مُسلماں کیا عَدُو بھی تیرا قائل یا رسولَ اللہ

شعر جي وَضاحت: يعني يارَسُولَ الله! مان اوهان جي بهترين اَخلاق ۽ عُمده وصفن تي قُربان ٿيان جو پنهنجا ته پنهنجا، پرايا به اوهان جي اَخلاقِ حَسَنه ۽ اَوصافِ حَمِيده کان مُتَاثر هئا۔

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته رَسُولِ ڪرِيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اَخلاق ڪيترا نه سٺا هئا! پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ قُدرَت ۽ اِختِيار هئڻ جي باوُجود پنهنجي ذات جي لاءِ ڪڏهن به بَدلو نه وٺندا هئا، بلڪ بُرائي جو جواب چڱائي سان ئي ڏيندا هئا، ايستائين جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي جاني دشمنن سان به ايتري قَدَر نَرمِي وارو سلوڪ ڪندا هئا جو هو پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حَسِين اَدائن جا ديوانه بڻجي ويندا هئا، جيئن ته بيان ڪيل واقِعي مان ظاهر ٿيو ته دُعثُور جيڪو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جانِي دُشمن هو پر جڏهن ان نَبي اَڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دَرگُذر ۽ سندن چڱي اَخلاق جو شاندار مُظاهرو ڏٺائين ته هو مُتَاثر ٿيڻ بغير نه رهي سگھيو ۽ هڪدم ڪلِمو پڙھي مسلمان ٿي ويو۔ معلوم ٿيو! چڱا اَخلاق دل ۾ جاءِ ٺاهڻ جو زَبَردَست مَدَني نُسخو آهي ۽ هي اهڙو نُسخو آهي جيڪو هر شخص جي لاءِ فائدي مَند آهي ڇوته بهترين اَخلاق ۾ نه ئي رَقم خَرچ ٿيندي آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڪو نُقصان آهي ۔

بااخلاق مبلغ جون برڪتون

 مُبَلِّغِن کي بهترين اَخلاق وارو هئڻ نهايت ضَروري آهي ڇوته بااَخلاق مُبَلِّغ جي بَرَڪت سان مَدَني ڪم خُوب اڳتي وڌندو آهي، بااَخلاق مُبَلِّغ مَدَني ڪم کي دُرُست اَنداز ۾ ڪري سگھي ٿو، بااَخلاق مُبَلِّغ مسجِد ڀريو تَحريڪ ۾ نُمايان ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو، بااَخلاق مُبَلِّغ جي بَرَڪت سان عَلائقي ۾ مَدَني ڪمن جون ڌُومون مچي وينديون آهن، بااَخلاق مُبَلِّغ دَعوتِ اسلامي جي نيڪ نامي جو