Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

فِلم ڏسڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ اوهان انتهائي صبر جو مظاهرو ڪندي ناراض ٿيڻ بدران ان کي دعوتِ اسلامي جي سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي هئي، اهو نوجوان مان ئي آهيان. مان اوهان جي عظيم حُسنِ اَخلاق کان گهڻو متاثر ٿيس آخرڪار هڪ ڏينهن اجتماع ۾ آيس، پوءِ اوهان جي نظرِ ڪرم ٿي وئي ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مان گناهن کان توبهه ڪري دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ويس. (تعارف امير اهلسنت،ص۴۰)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته شَيخِ طريقت، اميراهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جو اِنفِرادي ڪوشِش ڪرڻ جو طريقو به ڪيترو پيارو هو! جيڪڏهن پاڻ دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ان نادان جي نامناسِب حَرَڪت تي غُصّي ۾ اچن ها ۽ ڪو سخت جواب ڏين ها ته ڪڏهن به اهڙا مَدَني نتيجا نه نڪرن ها، تنهنڪري جيڪڏهن اوهان به اُمّت جي اصلاح جو درد پنهنجي سيني ۾ رکو ٿا ته سٺا اَخلاق، عاجِزي، صَبر ۽ نَرمي کي پنهنجي طبيعت ۾ شامل ڪريو ڇوته بُرا اَخلاق عمل کي به خراب ڪري ڇڏيندا آهن جيئن ته

 نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: سٺا اخلاق گناھ کي اهڙي طرح ڳاري ڇڏيندا آهن جهڙي طرح پاڻي برف کي ڳاريندو آهي ۽ بُرا اخلاق عمل کي ائين خراب ڪندا آهن جيئن سِرڪو ماکيءَ (Honey) کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي۔ (معجم ڪبير،۱۰/ ۳۱۹،حديث: ۱۰۷۷۷) اچو! بُري اَخلاق جا ڪجھ دِيني ۽ دُنياوي نُقصانن جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن ته

بداَخلاقي جا ديني ۽ دنياوي نُقصان

٭بداَخلاقي نَحوست آهي،٭بداَخلاقي پاڻ به بدعَمَلي آهي ۽ کوڙ بدعَمَلِين جو ذَرِيعو آهي۔ (مرآۃُ المناجيح،۶/۴۳۶(٭ ڪوڙ، خِيانت، وعده خِلافي سڀ بداَخلاقي جون شاخون آهن۔ (مرآۃ المناجيح،۶/ ۴۳۶) ٭بد اَخلاقي پاڻ ۾ اِختلاف جو باعِث آهي۔ (احياء العلوم،۲ /۵۶۹ بتغير قليل) ٭ بد اَخلاقي پاڻ ۾ بُغض ۽ حَسَد ۽ جُدائي پيدا ڪندي