Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

سَبَب ٿيندو آهي، با اَخلاق مُبَلِّغ جي بَرَڪت سان چئني پاسي مَدَني قافِلن جون

 بَهارون اچي وينديون آهن، با اَخلاق مُبَلِّغ نوَن اِسلامي ڀائرن کي آساني سان مَدَني ماحول سان وابَستَه ڪري سگھي ٿو، بااَخلاق مُبَلِّغ هڪ ڪامياب ذِمَّيدار سڏيو ويندو آهي،بااَخلاق مُبَلِّغ کي اِنفِرادي ڪوشِش ۾ ڪنهن خاص پريشاني کي منهن ناهي ڏيڻو پوندو، بااَخلاق مُبَلِّغ جي اِنفِرادي ڪوشِش جي بَرَڪت سان گناهگارن کي تَوبه جي تَوفيق ۽ غير مُسلمن کي اِسلام جي دَولت نصيب ٿيندي آهي،بااخلاق مبلغ نفرتن جي ديوارختم ڪري محبت جي فضا قائم ڪري سگهي ٿو،بااخلاق مبلّغ وڇڙيلن کي ملائي سگهي ٿو،بااخلاق مبلغ رٺلن کي مڃرائي سگهي ٿو،بااخلاق مبلغ پاڻ ۾ فاصلن کي مٽائي محبت ڀريو ماحول بڻائي سگهي ٿو، مطلب ته سٺو اَخلاق گهڻن فائدن کي حاصل ڪرڻ جو ذَرِيعو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان نَرمِي ۽ چڱي اَخلاق کي پنهنجي ڪردار جو حصّو بڻايون پر ياد رکو! اهو ضروري نه آهي ته اسان ڪنهن سان مسڪرائي ملون ته هو به خوش اخلاقي سان اسان جو اِستقبال ڪري بلڪ ممڪن آهي مخاطَب اسان جي مُرڪ (Smile) کي طَنز سمجھي ڪاوڙ ۾ اچي وڃي ۽ بداَخلاقي سان پيش اچي تنهنڪري اهڙن موقعن تي الله پاڪ جو هي فرمان پيشِ نظر رکڻ گھرجي، جيئن سيپارو 24سوره حمٓ السَّجْدَۃ جي آيت نمبر34 ۾ آهي:

اِدْفَعْ بِالَّتِیْ هِیَ اَحْسَنُ فَاِذَا الَّذِیْ بَیْنَكَ وَ بَیْنَهٗ عَدَاوَةٌ كَاَنَّهٗ وَلِیٌّ حَمِیْمٌ(۳۴)

ترجمو ڪنزالايمان: برائي کي ڀلائي سان ٽار تڏهن اهو جو تو ۾ ۽ ان ۾ دشمني هئي ائين ٿي ويندو ڄڻ ته گھرو دوست۔(پ 24، حٰم السجده؛ 34)

صَدرُ الافاضِل حضرت علامه مولانا سَيدمفتي محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه بُرائي کي ڀلائي سان ٽارڻ جو طريقو ٻڌائيندي اِرشاد فرمائن ٿا: