Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

ڪنهن بگڙيل شخص کي تَوبه جي تَوفيق نصيب ٿي؟، ڇا اسان ڪڏهن پنهنجي مٿي سختي ڪرڻ وارن جي سختي کي خوشي سان برداشت ڪيو يا مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ سر جو جواب پٿر سان ڏئي ناداني ڀريو سُلوڪ ڪيو؟۔ اسان جا اَخلاق ته ايترا پيارا هئڻ گھرجن جو ڏسڻ وارن جي زبانن تي خودبخود جاري ٿئي ته غلامانِ رَسُول جي اَخلاق جو هي عالَم آهي ته پوءِ رَسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَخلاق جو عالَم ڇا هوندو۔ ياد رکو! سٺي اَخلاق جون بَرَڪتون صِرْف بااَخلاق ماڻهن تائين ئي مَحدود نٿيون رهن بلڪه اَولاد کي به ان جا فائدا حاصل ٿيندا آهن، جيئن ته

والد جي سٺي اَخلاق جي ڪري ڌيءَ جي آزادي!

رَسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ طيء قَبِيلَي جا قيدي آندا ويا ته هڪ قيدي ڇوڪريءَ بيهي عَرْض ڪيو: اي محمد(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! جيڪڏهن اوهان بهتر سمجھو ته مون کي آٓزاد ڪري ڇڏيو ۽ عَرَب جي قبيلن کي مون تي نه کلايو ڇوته مان پنهنجي قَوم جي سردار حاتِم طائي جي ڌيءَ آهيان ۽ بيشڪ منهنجو پيءُ (Father) پنهنجي قَوم جي حمايت ڪندو، قيدين کي آزاد ڪندو، بکايلن جو پيٽ ڀريندو، کاڌو کارائيندو، سلام کي عام ڪندو ۽ ڪنهن ضرورت مند کي ڪڏهن به واپس نه موٽائيندوهو۔ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: اي نياڻي! هي (ته) سچّي اِيمان وارن جي صِفَت (خوبي) آهي۔ جيڪڏهن تنهنجو پيء مسلمان هجي ها ته اسان ضرور ان جي لاءِ رحمت جي دعا ڪريون ها۔ (پوءِ اِرشاد فرمايائون:) هن ڇوڪريءَ کي آزاد ڪيو ڇوته هن جو پيءُ سٺي اَخلاق کي پسند ڪندو هو ۽ الله ڪريم به سٺي اَخلاق کي پسند فرمائيندو آهي۔ ان ذات جو قسم جنهن جي قبضَه قُدرَت ۾ منهنجي جان آهي! جنّت ۾ صرف چڱي اَخلاق وارو ئي داخل ٿيندو۔(نوادرالاصول، الاصل الثاني وا لتسعون و المائة، ۲/ ۷۲۷، حديث: ۱۰۰۱ملتقطاً)