Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

                             (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنَّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں            نیک ہوجائیں مُسَلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

زلفن ۽ مٿي جي وارن جون سُنّتون ۽ آداب

اچو شيخِ طريقت ،اميرِ اهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل‘‘ مان زلفن ۽ مٿي جي وارن جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا: خاتَمُ المُرسَلين، رَحمَة لِّلعٰلمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ زُلف ڪڏهن اڌ ڪن مبارڪ تائين ته ٭ ڪڏهن ڪن مبارڪ جي لَو (يعني پاپڙي) ۽ ٭ ڪڏهن ڪڏهن وڌي ويندا هئا ته مبارڪ ڪُلهن کي جهومندي چمڻ لڳندا هئا. (الشمائل المحمدية، ص۳۴،۳۵،۱۸) ٭ صدرُالشّريعه بدرُالطّريقه حضرت علامه مولانا مفتي امجد علي اعظمي عليه رحمةُ اللهِ القوي فرمائن ٿا: مرد کي جائز ناهي ته عورتن وانگر وار وڌائي، ڪجهه صوفي سڏائيندڙ وڏيون وڏيون چوٽيون وڌائيندا آهن جيڪي انهن جي سيني تي نانگ وانگر هيڏي هوڏي ٿينديون آهن ۽ ڪجھ چوٽيون به ٻڌندا آهن ۽ جوڙو (يعني عورتن وانگر وار ڪنڌ تي گڏ ڪري ڳنڍ) ٻڌي ڇڏيندا آهن اهي سڀ ناجائز ڪم ۽ شريعت جي خلاف آهن، ٭ ننڍڙين ٻارڙين جا وار به مرداڻي انداز سان نه ڪٽايو، ننڍپڻ کان ئي انهن کي وڏا وار رکڻ جو ذهن ڏيو ٭ سنّت هي آهي ته جيڪڏهن مٿي جا وار هجن ته وچ مان سينڌ ڪڍي وڃي. ٭ اڄڪلهه قينچي يا مشين جي ذريعي وارن کي مخصوص نموني تي ڪٿي وڏا ته ڪٿي ننڍا ڪري ڇڏبا آهن اهڙا وار رکڻ سنت ناهي ٭ ٻُچي (يعني اهي ڪجهه وار جيڪي چپ جي هيٺ کاڏي جي وچ ۾ هوندا آهن) ان جي آس پاس جا وار ڪٽائڻ يا اکيڙڻ بدعت