Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

ٿي وڃي.

اچو! ان وَلي ڪامِل جي اَخلاق کان مُتاثّر ٿي دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿيڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جي مَدَني بهار ٻڌو ۽ ان مان حاصِل ٿيندڙ مَدَني گلن کي پنهنجي دِل جي مَدَني گلدستي ۾ سجائڻ جي ڪوشِش ڪريو، جيئن ته

وڏي صبر جو مظاهرو!

هي اُنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن دعوتِ اسلامي جو هفتيوار سنتن ڀريو اجتماع دعوتِ اسلامي جي پهرين مدني مرڪز ”گلزارِ حبيب مسجد“ گلستانِ شفيع اوڪاڙوي (سولجَر بازار) بابُ المدينه ڪراچي ۾ ٿيندو هو. شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ اسلامي ڀائرن سان گڏ جڏهن سِينِيما گهر جي ڀرسان لنگهيا ته هڪ نوجوان جيڪو اُتي فلم ڏسڻ جي لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺو هو، اُن (معاذ الله عَزَّ وَجَلَّ) وڏي آواز سان اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه کي مخاطب ڪري چيو:”مولانا! ڏاڍي سٺي فلم لڳي آهي اچي ڪري ڏسو.“ ان کان اڳ جو گڏ وڃڻ وارا اسلامي ڀائر جذبات ۾ اچي ڪجهه ڪَن ها، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ان نوجوان کي وڏي آواز سان سلام ڪيو ۽ ويجهو وڃي تمام نرميءَ سان انفرادي ڪوشش ڪندي ارشاد فرمايائون: ”مان فلمون ناهيان ڏسندو باقي توهان مون کي دعوت پيش ڪئي ته مون سوچيو ته توهان کي به دعوت پيش ڪريان، هينئر اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ گلزارِ حبيب مسجد ۾ سنتن ڀريو اجتماع ٿيندو، توهان کي شرڪت جي گذارش آهي، جيڪڏهن توهان هاڻي نه ٿا اچي سگهو ته جڏهن موقعو ملي ته ضرور تشريف وٺي اچجو.“ پوءِ پاڻ دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ان کي عطر جي شيشي تحفي ۾ پيش ڪيائون. ڪجھ سالن کان پوءِ اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي بارگاھ ۾ سُنَّتن جو عامِل هڪ اسلامي ڀاءُ سبز عمامي سان حاضر ٿيو ۽ ڪجهه هن طرح عرض ڪيائين: ”سائين !ڪجهه سال اڳ ۾ هڪ نوجوان اوهان کي (معاذالله عَزَّوَجَلَّ)