Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

جي ڪوشش ڪريون۔

چڱي بُري اخلاق جو نتيجو

هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: سٺا اَخلاق پرائي کي پنهنجو بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ بُرا اَخلاق پنهنجن کي پرايو بڻائي ڇڏيندا آهن۔

                                                          (دين و دنيا کی انوکھی باتيں،ص۲۶۸)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ حديثن جا ڪتاب بهترين اَخلاق جي فضيلتن سان مالا مال آهن۔ اچو! تَرغيب طور 4 اَحاديثِ مبارَڪه ٻڌو ۽ خوش ٿيو:

1.       فرمايائين:توهان ماڻهن کي پنهنجي مال سان خُوش نٿا ڪري سگھو، پر توهان جي خوش مزاجي ۽ خُوش اَخلاقي اُنهن کي خُوش ڪري سگھي ٿي۔                     (شعب الايمان، باب في حسن الخلق،۶/ ۲۵۳، حديث: ۸۰۵۴)

2.         فرمايائين:قِيامت جي ڏينهن مومن ٻانهي جي ميزانِ عمل ۾ بهترين اَخلاق کان وڌيڪ وزني ڪو عمل نه هوندو۔

                        (ترمذي، ڪتاب البر و الصلۃ ،باب ماجآء في حسن الخلق،۳ /۴۰۳، حديث :۲۰۰۹)

3.       فرمايائين:ايمان ۾ وڌيڪ ڪامِل اهي مومن آهن، جن جا اَخلاق وڌيڪ سٺا هجن۔                  (ابو داود، ڪتاب السنۃ، باب الدليل…الخ،۴/۲۹۰،حديث:۴۶۸۲)

4.         فرمايائين:منهنجي ويجھو توهان مان سڀ کان وڌيڪ پسنديده ۽ قِيامت جي ڏينهن منهنجي گھڻو ويجھو اهي ماڻهو هوندا جن جا اَخلاق سڀ کان وڌيڪ هوندا۔       (ترمذي،ڪتاب البر و الصلۃ ،ماجاء في معالي الاخلاق،۳/ ۴۰۹،حديث:۲۰۲۵)

اَخْلاق ہوں اچّھے مِرا کِردار ہو سُتھرا                مَحبوب کا صَدْقہ تُو مجھے نیک بنا دے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته چڱي اَخلاق جون ڪهڙيون بَرَڪتون آهن جو