Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هيئنر اسان بداَخلاقي جا دِيني ۽ دُنياوي نُقصانن جي باري ۾ ٻڌو، اي ڪاش! انهن کي ٻڌي اسان جي دل ۾ به ان کان نفرت پيدا ٿي وڃي ۽ اسان جو تَوبه جو ذِهن به بڻجي وڃي۔ اچو! هاڻي اسان حسن اَخلاق جو پيڪر بڻجڻ جي لاءِ ٻارهين واري آقا،مڪي مدني مصطفٰي جي ٻارهين جي نسبت سان 12 طريقا ٻڌي انهن تي عمل جي نِيت به ڪريون ٿا:

چڱن اَخلاق جي عادت بنائڻ جا طريقا

(1) چڱي اَخلاق جو پيڪر بڻجڻ جي لاءِ بارگاھ الٰهي ۾ ٻاڏايو ۽ پنهنجن هٿن کي بلند ڪري اَشڪبار اکين سان بُري اَخلاق کان نجات جي دُعا گھرو، (2) چڱي اَخلاق جون فضيلتون ۽ بُري اَخلاق جي نُقصانن تي مُشتَمِل اَحاديث ۽ رِوايات، واقِعا ۽ اَقوالِ بُزرگانِ دِين کي بار بار پڙھو ۽ ٻڌو، (3) ڏينهن جو اڪثر حِصّو خاموشي اِختيار ڪريو ۽ وس آهر لکي ڪري يا اِشاري سان گفتگو جي عادت بڻايو، (4) پابندي سان تلاوتِ قرآن ۽ ترجَمو قرآن ڪنزُالايمان ۽ ان سان گڏ تفسير خزائنُ العرفان يا نورُالعرفان يا صراطُ الجنان جو مُطالعو ڪرڻ جو معمول بڻايو، (5) بُرن ماڻهن جي صحبت کان بچندا رهو، (6) دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهو ۽ ٻارهن (12)مَدَني ڪمن کي پاڻ تي لازم ڪريو، (7) دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماعات ۽ اميرِاهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي عِلم ۽ حڪمت سان ڀرپور مَدَني مذاڪرن ۾ پابندي سان اول کان آخر شرڪت کي پنهنجو معمول بڻايو، (8) دعوتِ اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول سان گڏ يڪمشت 12 مهينا، هر 12 مهينن ۾ 1 مهينو (30 ڏينهن) ۽ سڄي عُمر هر مهيني 3 ڏينهن جي مَدَني قافِلن ۾ سفر ۽ روزانو فِڪرِ مدينه ڪندي مَدَني اِنعامات جو رِساله ڀريو، (9) دعوتِ اسلامي جي تحت