Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

برڪت سان مدني انعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي٭ مدرسةالمدينه بالغان جي برڪت سان سٺااخلاق ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي٭ مدرسةُ المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو آهي ۽ مسجد ۾ ويهڻ ربِّ ڪريم کي ڪيتري قَدَر پسند آهي ان جو اَندازو هن حديثِ پاڪ مان لڳايو جيئن نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جيڪو مسجد کان مَحَبَّت ڪندوآهي الله پاڪ ان کي پنهنجو محبوب بڻائيندو آهي۔ (مجمع الزوائد ،ڪتا ب الصلوۃ ،با ب لزوم المساجد، ۲/۱۳۵،رقم:۲۰۳۱)

اچو! مدرسةُ المدينه بالِغان ۾ پڙھڻ جي بَرَڪت تي مُشتَمِل هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

بدنگاهي جي عادت کان نجات ملي وئي

بابُ المدينه (ڪراچي) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ ۾ فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ ۽ بدنگاهي ڪرڻ جو عادي هو جڏهن ته نمازن جي پابندي جو به ذهن نه هو۔ اتفاق سان هڪ ڀيري ان جي ملاقات سفيد لباس پاتل سبز سبز عمامه سجايل هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي، انهن انفرادي ڪوشش ڪندي مون کي مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، انهن دعوت قبول ڪندي مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ پڙھڻ شروع ڪيو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مدرسة المدينه (بالغان) جي برڪت سان هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ان جو معمول بڻجي ويو، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جو مريد به ٿي ويو۔ نمازي ۽ مسجد ۾ درس ڏيڻ وارو بڻجي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ فلمون ڊراما، گانا باجا، بدنگاهي وغيره گناهن کي ڇڏي چڪو ۽ پنهنجي گھر وارن تي به انفرادي ڪوشش ڪندي انهن کي به نمازي بنائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن۔

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ              تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدَنی ماحول