Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

                اَللّٰهُمَّ اِنِّي اَعُوْذُ بِكَ مِنْ مُنْكَرَاتِ الْاَخْلَاقِ،وَالْاَعْمَالِ وَالاَهْوَاءِ

(ترمذي،احاديث شتي،باب دعاء ام سلمه،۵/۳۴۰،حديث:۳۶۰۲)

ترجمو: اي الله! مان بُري اَخلاق، بُرن عملن ۽ بُري خواهشن کان تنهنجي پناھ گھران ٿو۔

بَيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان حسن اَخلاق جي بَرَڪتن جي باري ۾ ٻڌو ته

٭چڱا اَخلاق قُربِ مُصطَفٰي جو ذَرِيعو آهن،٭ چڱن اَخلاق وارا ڪامِل مومِن آهن،٭ سٺو اَخلاق دل ۾ جاءِ ٺاهڻ جو زبردست نُسخو آهي،٭ چڱي اَخلاق جي بَرَڪت سان گناهن ۾ مُبتَلا ماڻهن جي اِصلاح جو سامان ٿي ويندو آهي،٭ سٺي اخلاق جي بَرَڪت سان غير مسلمن کي ايمان جي دولت نصيب ٿيندي آهي،٭ سٺي اخلاق جي بَرَڪت سان دِين جو ڪم خُوب تَرَقّي ڪندو آهي،٭ چڱي اَخلاق جي بَرَڪت سان دُشمن به دوست بڻجي ويندا آهن، ٭ سٺي اَخلاق جي بَرَڪت سان اِنفِرادي ڪوشش ۾ مشڪلات پيش ناهي ايندي، ٭ سٺي اَخلاق جون بَرَڪتون اَولاد کي به نصيب ٿينديون آهن۔

   الله پاڪ اسان کي به سٺي اَخلاق جي لازوال دَولت سان مالا مال فرمائي ۽ بَداَخلاقي کان اسان جي حفاظت فرمائي۔    اٰمِين بِجَاهِ النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو ـ