Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

شمار خزانن جو مجموعو آهي“جنهن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سوال آهي“ جي قول کي عملي جامو پارائيندي سوال جواب جو هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾مدني مذاڪرو“ چيو ويندو آهي۔ عاشقان رسول مدني مذاڪرن ۾عقائد ۽ اَعمال، فضائِل ۽ مَنَاقِب، شريعت ۽ طريقت، تاريخ وسيرت، سائنس وطِبّ، اَخلاقيات ۽ اِسلامي معلومات، معاشي، سماجي، تنظيمي معاملن ۽ ٻين ڪافي موضوعن جي باري ۾ مختلف قسم جا سوال ڪندا آهن ۽ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه انهن کي حڪمت ڀريا ۽ عشقِ رسول سان لبريز جوابن سان نوازيندا آهن۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ”مجلس مَدَني مذاڪره“ جي تحت شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي انهن عطا ڪيل دلچسپ ۽ علم ۽ حڪمت سان ڀريل عظيم ارشادن جي مدني گلن جي خوشبوئن سان سڄي دنيا جي مسلمانن کي مهڪائڻ جي لاءِ  انهن مدني مذاڪرن کي تحريري رسالن، وي سي ڊيز۽ ميموري ڪارڊزجي صُورت ۾ پيش ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حسنِ اخلاق جا فضائل۽ بداخلاقي جو نحوستون ٻڌي ڪري يقينا اسان جو ذهڻ بڻيو هوندوت ته هاڻي کان اسان کي به با اخلاق ٿيڻو آهي، بد اخلاقي کان هميشه جي لاءِ جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. بد اخلاقي کان بچڻ جا ڪجهه طريقا به اسان ٻڌا،اچو!هٿون هٿ بد اخلاقي کان نجات جي دعا به ٻڌي وٺون بلڪ ٿي سگهي ته هن دعا کي ياد ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان بار بار اها دعا گهرندا رهون ۽ هن دعا جي برڪت سان اسان کي حسنِ اخلاق جي دولت نصيب ٿئي.اها دعا هي آهي

بداَخلاقي کان نجات جي دُعا