Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

مِرے اَخْلاق اچھے ہوں مِرے سب کام اچھے ہوں                بنا دو مجھ کو تم پابندِ سُنّت یارسولَ الله

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۳۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’مدرسة المدينه بالغان ‘‘

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته ربِّ ڪريم ۽ رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي چڱا اَخلاق ڪيتري قدر پسند آهن جو حاتِم طائي جيڪو هڪ غير مسلم هو پر ان جي چڱي اخلاق جي ڪري ان جي ڌيءَ کي غلامي مان نجات ملي وئي۔ ٿورو سوچيو ته هاڻي جيڪو مسلمان سٺي اَخلاق جي دَولت سان مالا مال هوندو ته ان کي ۽ ان جي اَولاد کي ان جون ڪهڙيون ڪهڙيون بَرَڪتون نصيب ٿينديون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مَدَني ماحول اسان کي چڱي اخلاق اپنائڻ ۽ ان تي هميشگي اِختيار ڪرڻ جو ذِهن عطا ڪري ٿو تنهنڪري بداَخلاقي کان پيڇو ڇڏائڻ ۽ سٺي اَخلاق جي زيور سان آراسته ٿيڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ مشغول ٿي وڃو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مدرسةُ المدينه بالغان“ ۾ پڙھڻ يا پڙھائڻ به آهي۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرسةُ المدينه بالغان جي بَرَڪت سان دُرست قرآنِ ڪريم پڙھڻ نصيب ٿيندو آهي٭ مدرسة المدينه بالغان نماز،وُضو ۽ غُسْل وغيره ضروري اَحڪام سکڻ جو بهترين ذريعو آهي٭مدرسة المدينه بالغان ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان سٺي صُحبت ملندي آهي ٭مدرسةُ المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ ٻڌڻ جي سعادت ملندي آهي ٭ مدرسةُ المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان علمِ دين جي دَولت نصيب ٿيندي آهي ٭ مدرسةُ المدينه بالغان جي