Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

سٺي اَخلاق سان ماڻهو خوش ٿيندا آهن، سٺا اَخلاق قِيامت جي ڏينهن ميزانِ عمل ۾ سڀ کان وڌيڪ وزني هوندا، سٺي اَخلاق وارا ڪامِل مومِن آهن، چڱي اَخلاق وارن کي بروزِ قِيامت قُربِ مُصطَفٰي نصيب ٿيندو۔ سٺي اَخلاق جون ايتري قَدَر فضيلتون ۽ بَرَڪتون ٻڌي اُمّيد آهي ته اسان جو به سٺا اَخلاق اپنائڻ جو ذِهن بڻيوهوندو، پر سُوال هي آهي ته چڱي اَخلاق مان ڇا مُراد آهي؟ ته اچو ٻڌون ٿا ته چڱا اَخلاق ڇا کي چوندا آهي؟ جيئن ته

حسن اَخلاق ڇا کي چئبو آهي؟

هڪ شخص نبي اَڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان سٺي اَخلاق جي باري ۾ سُوال ڪيو، ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي اڳيان هي آيتِ مُبارَڪه تِلاوَت فرمائي:

خُذِ الْعَفْوَ وَ اْمُرْ بِالْعُرْفِ وَ اَعْرِضْ عَنِ الْجٰهِلِیْنَ(۱۹۹) (پ۹،الاعراف: ۱۹۹)

ترجموڪنزالايمان: اي محبُوب مُعاف ڪرڻ اختيار ڪر ۽ ڀلائِي جو حُڪم ڏي ۽ جاهِلن کان مُنهن موڙ.

اَميرُالمُؤمِنين حضرت سَيدُنا موليٰ مُشڪل ڪشا، شيرِ خُدا کرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم فرمائن ٿا ته رَسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي         فرمايو: ڇا مان اڳوڻن ۽ پوئين جي بهترين اَخلاق جي باري ۾ توهان جي رهنمائي نه ڪيان؟ مون عرض ڪيو، ضرور اِرشاد فرمايو، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو توهان کي مَحرُوم ڪري توهان ان کي عَطا ڪيو، جيڪو توهان تي ظُلْم ڪري توهان ان کي مُعاف ڪيو ۽ جيڪو توهان سان تَعَلُّق ٽوڙي توهان ان سان تَعَلُّق جوڙيو۔(شعب الایمان،باب فی صلۃ الارحام،۶/۲۲۱،حدیث:۷۹۵۶)

حضرت سَيدُنا عبدُالله بن مُبارَڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: خُوش مزاجي سان مُلاقات ڪرڻ، خُوب ڀلائي ڪرڻ ۽ ڪنهن کي تڪليف نه ڏيڻ، حسن اَخلاق