Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

شَرابي جي توبه

حُجَّةُ الاِسلام حضرت سيدُنا اِمام محمد غَزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه ”اِحياءُ العُلُوم“ ۾ نَقل ڪن ٿا: حضرت سيدُنا محمد بن زَڪرِيا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان اِبنِ عائِشه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه وٽ حاضِر ٿيس، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه مغرِب نماز کان بعد مسجِد کان گھر ڏانهن روانا ٿيا، رستي ۾ هڪ قريشي نوجوان نشي ۾ ڌُت نظر آيو، ان هڪ عورت سان بري حرڪت ڪئي، عورت رڙيون ڪرڻ لڳي، ماڻهو آيا ۽ ان نوجوان تي ڪاهي پيا، حضرت سيِّدُنا ابن عائشه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه ان کي سڃاتو ۽ ماڻهن کان ڇڏائي ڪري شفقت سان سيني سان لڳايو، پنهنجي گھر وٺي آيا ۽ ان کي سمهاري ڇڏيو، جڏهن اهو بيدار ٿيو ته ان جو نشو لهي چڪو هو، ان کي نشي جي دوران ٿيڻ واري بي حيائي جي قصي ۽ مار جي خبر پئي ته شرم سبب روئي پيو ۽ وڃڻ لڳو، حضرت سيِّدُنا ابن عائشه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه ان کي نهايت نرمي سان نيڪي جي دعوت ڏني ۽ احساس ڏياريو ته پٽ! اوهان ته قريشي آهيو، اوهان جي خانداني شرافت مرحبا! اهو ته غور ڪريو ته اوهان ڪيڏي وڏي هستيءَ جا اولاد آهيو! پٽ! الله عَزَّ وَجَلَّ کان ڊڄو ۽ هميشه جي لاءِ شراب نوشي ۽ ٻين گناهن کان توبه ڪريو، اهو نوجوان انهيءَ پيار ڀري نيڪي جي دعوت سان شرمسار ٿي پيو ۽ ان روئي روئي ڪري توبه ڪئي، شراب ۽ ٻين گناهن جي ويجھو نه وڃڻ جو عهد ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه شفقت سان ان جو مٿو چميو ۽ خوب حوصله افزائي ڪئي، هو بيحد متاثر ٿيو ۽ سندن جي صحبت ۾ رهڻ لڳو ۽ احاديث مبارڪه لکڻ تي مقرر ٿي ويو.(اِحياءُ العلوم،۲/۴۱۱ ملتقطاً)

اچو!بارگاهه رسالت ۾ فرياد ڪريون ٿا:

نعمتِ اخلاق کر دیجے عطا                           یہ کرم یا مُصْطَفٰے فرمائیے

(وسائل بخشش مرمم،ص۵۱۷)