Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

ٿيندڙ فَيضانِ فَرض عُلوم ڪورس، ڪردار سازڪورس يعني اصلاح اعمال ڪورس،12 مدني ڪام ڪورس،فيضانِ نمازڪورس،مَدَني تربيتي ڪورس، ڪريو، (10) مَدَني چينل تي نشر ٿيڻ وارا علمِ دين جي خوشبوئن سان مالامال مُختلِف سلسلا ڏسندا رهو، (11) ڪنهن پيرِ ڪامِل جو دامَن مضبوطي سان پڪڙيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شَيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ۾ پيرِ ڪامِل جا تمام شرط موجود آهن، تنهنڪري اسان کي به امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي ذَرِيعي مُريد ٿي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه جي غُلامن ۾ شامِل ٿي وڃڻ گهرجي (12) دعوتِ اسلامي جي تحت قائم شُعبن مان ڪنهن شعبي ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪريو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هنن طريقن تي عمل جي بَرَڪت سان بُري اَخلاق جو خاتِمو ٿيندو ۽ سٺا اَخْلاق اپنائڻ جو ذِهن بڻجندو(13) رسالو”حسنِ اخلاق“احترامِ مسلم ۽ مٺا ٻول،جو مطالعو ڪريو.(14)احياءالعلوم کان”حسنِ اخلاق جو بيان“جو مطالعو ڪريو.

اچو!ربّ ڪريم جلّ جَلالُہ جي بارگاهه ۾ دعا ڪريون ٿا:

تُو عطا حِلْم کی بھیک کر دے                        میرے اَخْلاق بھی ٹھیک کر دے

تجھ کو فاروق کا واسطہ ہے                         یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے

(وسائل بخشش مرمم،ص۱۳۸)

مجلس مَدَني مُذاڪرھ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ خدمتِ دين جي ڪم و بيش 104 شُعبن ۾ سُنّتن جون ڌُومون مچائي رهي آهي، جن مان هڪ شعبو ”مجلس مَدَني مذاڪره“ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شَيخِ طريقت، اميرِاهلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه  پاڻ هن قول ”علم بي