Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

ويا آهن ته هو ڀڄي ويو ۽ پنهنجي لشڪر کي وٺي جبلن تي چَڙھي ويو پر ان جي فَوج جو هڪ ماڻهو ”حَبَّان“ گِرِفتار ٿي ويو ۽ بارگاھ رِسالت ۾ اچي اِسلام قبول ڪيائين۔ اِتِّفاق سان ان ڏينهن گھڻي برسات ٿي پئي۔ رَسولِ ڪرِيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ وڻ جي ويجھو پنهنجا ڪپڙا سڪائڻ لڳا۔ جبل جي بُلندي تان غير مُسلمن ڏٺو ته صَحابَه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ مَشغول آهن ۽ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڪيلا آهن ته انهن دُعثُور کي نَبي ڪرِيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي حَملو ڪرڻ جي لاءِ جوش ڏياريو، دُعثُور هي جُملو ”جيڪڏهن مان محمد(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) کي قَتل نه ڪري سگھيس ته الله پاڪ مون کي قَتل ڪري“ چوندي تَلوار کڻي رَسولِ اَڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏانهن وڌيو ايستائين جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مٿي مُبارَڪ تي تَلوار بُلند ڪري چيائين: هاڻي مون کان اوهان کي ڪير بچائيندو؟ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِرشاد فرمايائون: ”الله ڪرِيم مون کي تو کان بچائيندو“۔ ايترو چوڻ هو جو حضرت جِبرِيلِ اَمِين عَلَيه السَّلَام هڪدم زمين تي لٿا ۽ دُعثُور جي سيني تي اهڙي مُڪ هنئي جو تَلوار ان جي هٿ مان ڇڏائي پري وڃي ڪري۔ رَسُولِ ڪرِيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪدم تَلوار کنئي ۽ فرمايائون: ”هاڻي مون کان توکي ڪير بچائيندو؟“دُعثُور چيائين: مون کي اوهان کان ڪير به نٿو بچائي سگھي! نَبي اَڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ان جي بيڪسي تي رَحم اچي ويو، رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نه صِرف ان جو قُصور مُعاف ڪيو بلڪ ان جي تَلوار به ان کي واپَس موٽائي ڏني۔ دُعثُور پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ اَخلاق کان ايتري قَدَر مُتَاثّر ٿيو جو ڪلمو پڙهي انهيءَ وَقت مُسَلمان ٿي ويو ۽ پنهنجي قَوم ۾ اچي اِسلام جي دَعوَت ڏيڻ لڳو۔(المواھب اللدنيۃ مع شرح الزرقاني، باب غزوۃ غطفان ،۲ / ۳۷۸-۳۸۱ ملخصاً)