Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

حرص ناهن ڪندا، ڏيکاءَ جي خاموشي اختيار ناهن ڪندا، تڪبُّر ناهن ڪندا ۽ ڏيکاءَ جي عاجزي به ناهن ڪندا. اهي ڳالهائڻ ۾ سڀني ماڻهن کان سٺا ۽ نفس جي اعتبار کان گهڻا پرهيزگار هوندا آهن، سخاوت انهن جي فطرت ۾ شامل آهي،اسلاف رَحْمةُ اللّٰہ ِ تَعَالٰی عَلَیْہِم اَجْمَعِیْن جن (نامناسب) شين کي ڇڏيو، انهن کان محفوظ رهڻ انهن جي صِفَت آهي،سندن اها صِفَت جدا ناهي ٿيندي، جواڄ خوف جي حالت ۾ هجن ۽ سڀاڻي غفلت ۾ پيل هجن،بلڪه اهي پنهنجي حال تي هميشگي اختيار ڪندا آهن، اهي پنهنجي ۽ پنهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ جي وچ ۾ هڪ خاص تعلق رکندا آهن، کين آنڌاري واري هوا ۽ بيباڪ گهوڙا نه ٿا پهچي سگهن. انهن جون دليون الله عَزَّوَجَلَّ جي خوشي (يعني رضا) ۽ شوق ۾ آسمان ڏانهن بلند ٿينديون آهن، پوءِ (28 سيپاري سُوۡرَۃُ الۡمُجَادَلَۃِ جي) آيت (نمبر22) تلاوت ڪيائون،

اُولٰٓىٕكَ حِزْبُ اللّٰهِؕ-اَلَاۤ اِنَّ حِزْبَ اللّٰهِ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۠(۲۲)   

 (ترجمو ڪنزالايمان :اها الله (عَزَّوَجَلَّ) جي جماعت آهي، ٻُڌو بيشڪ الله (عَزَّوَجَلَّ) جي جماعت وارا ئي ڪامياب آهن.)

 (نوادرُ الاصول، الاصل الحادي والخمسون، ۱/۲۰۹، حديث: ۳۰۱)(فيضان سنت،ص۴۳۲تا۴۳۴بتغير)

عاشِقِ اَولِيا ۽ عاشِقِ غَوث ۽ رَضا، بانِي دعوتِ اسلامي، شَيخِ طَرِيقَت، اَمِيرِ اَهلسُنّتدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ”وَسائلِ بخشش“ ۾ لکن ٿا:

مجھ کو اللہ سے مَحَبَّت ہے

جس کو سَرکار سے مَحَبَّت ہے

آل و اَصحاب سے مَحَبَّت ہے

یہ اُسی کی عطا و رَحمت ہے

اُس کی بخشش کی یہ ضمانت ہے

اور سب اَوْلِیا سے اُلْفَت ہے

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص ۶۸۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن دُنياوِي مال ۽ مَنصَب ۽ شهرت جي طلب کان بي نياز هوندا آهن، اَولِياءِ ڪرام الله پاڪ جي نعمت آهن،