Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

بڻجي ويا، ”کاؤ پِيو ۽ جان بڻايو“ جي نعري کي پنهنجي زِندگي جو مَقصَد سمجھڻ وارن هن مَدَني مَقصَد کي اپنائي ورتو ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آھي. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّاميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو اهو فَيضان صِرْف مُسلمانن تائين مَحدود ناهي رهيو بلڪ ڪثير غير مُسلمن کي به نُورِ اسلام نصيب ٿيو۔ (تذڪره امير اهلسنت(قسط1)،ص۸تا۱۰بتغير)

امير اهلسنت جي هن فيضان کي ڪنهن عاشق رسول ڪيتري جامع ۽ پياري انداز ۾ اشعار جي صورت ۾ لکيو آهي،جيئن ته لکن ٿا:

مَسْلک کا تُو اِمام ہے اِلیاس قادِرِی                         تَدْبِیر تیری تام ہے اِلیاس قادِرِی

سُنّت کی خوشبؤوں سے زَمانہ مہک اُٹھا                      فَیْضان تیرا عام ہے اِلیاس قادِرِی

سَر پہ عِمامہ ماتھے پہ سجدوں کا نُور ہے                      جو بھی تیرا غُلام ہے اِلیاس قادِرِی

ہے دَعْوَتِ اِسلامی کی دُنیا میں دُھوم دھام                   مَقبول تیرا کام ہے اِلیاس قادِرِی

                                                                                                                        (محبوبِ عطار کی 122حکایات،ص۲۰۳)

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’هفتيوار مدني مذاڪرو‘‘

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته! شَيخِ طَرِيقَت، اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ڪيتري قَدَر عظيم وَلِي آهن جو جِن جي بَرَڪت ۽ دِيني خِدمتن سان مُعاشَري ۾ تمام ٿوري ئي وَقت ۾ حَيرت اَنگيز مَدَني اِنقِلاب بَرپا ٿي ويو۔ اچو! اوهان به فَيضانِ اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان فَيضياب ٿيڻ جي لاءِ فَيضانِ اَولِيا سان مالا مال عاشِقانِ رَسُول جي مَدَني تَحريڪ دَعوتِ اِسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي 12 مَدَني ڪمن ۾ حصّو وٺو۔ 12 مَدَني ڪمن مان هفتيوار هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني مذاڪرو“ به آهي۔

٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ”مَدَني مذاڪرو“ ڏسڻ، ٻڌڻ جي بَرَڪت سان شَرعي مُعامَلَات ۾ اِحتياط ڪرڻ جو ذِهن نصيب ٿيندو آهي٭مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت سان عاشقانِ رسول جي صُحبت مُيسَّر ٿيندي آهي، ٭ مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت سان عمل جو جَذبو وڌندو ٭ گناهن کان نفرت پيدا ٿيندي آهي٭ مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت