Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

مدني مذاڪري سڌاري ڇڏيو

واه ڪينٽ (پنجاب، پاڪستان) جوهڪ اسلامي ڀاءُ دعوت اسلامي جي مدني ماحول کان اڳ کوڙ نوجوانن جيان ڪافي اَخلاقي بُرائين ۾ مبُتلا هو۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، ،راند روند ۾ وَقت برباد ڪرڻ ان جو محبوب وندر هو۔ گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان ان کي مدني مُذاڪرو ڏسڻ جي سَعادت نصيب ٿي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڳوڻن سڀني گُناهن کان توبه ڪري فرض ۽ واجب جو عامِل بڻجي ويو، چهري تي هڪ مٺ ڏاڙھي شريف سجائي ورتي ۽ مدني حُليو به اَپنائي ورتو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ جي ڪرم سان انهن جي والِدَين خوشي سان ’’وقفِ مدينه‘‘(دعوتِ اسلامي جي ڪمن لاءِ پيش) ڪري ڇڏيو آهي۔

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                 گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مئے عِشْق دیگا بنا یہ                             تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

(وسائل بخشش مرمم،ص۶۴۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! عام طور هڪ عام انسان جيستائين دُنيا ۾ زندھ رهندو آهي ته ان وَقت تائين هو ٻين کي فائدو پهچائڻ تي قُدرت رکي ٿو پر قُربان وڃجي اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي شان ۽ عظمت ايتري قَدَر اَرفَع ۽ اَعليٰ آهي جو جيستائين اهي حضرات هن فاني دُنيا ۾ پنهنجي ظاهري حَيات سان گڏ زندھ رهن ٿا ته نيڪ ۽ گنهگارن سَڀني کي فَيضياب ڪن ٿا ۽ هر پاسي پنهنجون بَرَڪتون ورهائن ٿا پوءِ جڏهن اهي حضرات پنهنجي مَزارِ اَقدَس ۾ تشريف کڻي وڃن ٿا ته اتي به انهن جي ذات ۽ انهن جي مَزار مان بَرَڪتون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن ايستائين جو انهن جي قُرب جي برڪتن سان قَبر جو عذاب پري ڪيو ويندو آهي۔اچو! هن باري ۾ هڪ اِيمان اَفروز واقِعو ٻڌو ۽ خوش ٿيو، جيئن ته