Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

رَحْمَةُاللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جون نِشانيون آسانيءَ سان ڏسي سگھجن ٿيون۔ اچو! اسان به ان عظيم ولي ڪامِل جي بَرَڪتن جو مُختَصَر تَذڪرو ٻڌون ٿا، جيئن ته

فَيضانِ اَميرِ اَهلسُنّت جون بَرَڪتون

شَيخِ طَرِيقَت، اَميرِاَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرض ۽ واجِبات جي ادائيگي سان گڏوگڏ سُنّتن ۽ مُسْتَحَبّن تي عمل پيرا ٿي نيڪي جي دَعوَت جون اهڙيون ڌُومون مچايون جو لکين مسلمانن خاص ڪري نَوجوانن کي گناهن کان تَوبه جي تَوفِيق مِلي ۽ هو توبه ڪري قُرآن ۽ سُنّت جي راھ تي هلڻ لڳا۔ جيڪي بي نمازي هئا نمازي بلڪ مسجدن جا اِمام بَڻجي ويا، بَدنِگاهي ڪرڻ وارا نِگاهون هيٺ رکڻ جي سُنّت تي عمل ڪرڻ جي سَعادت ماڻڻ لڳا، چمڪيلا پر ڪشش لِباس پائي ڳچيءَ ۾ رئو لڙڪائي تفريح گاهن جي زينت بڻجڻ واريون عورتون بي پردگي کان اهڙي توبهه ڪيائون جو مدني برقعو انهن جي لباس جو اهم حصو بڻجي ويو۔ ماءُ پيءُ سان گستاخانه اَنداز اختيار ڪرڻ وارا با ادب ٿي ويا، جن جي حَرَڪتن سبب ڪڏهن سڄو پاڙو بيزار هو، اهي سڄي عَلائقي جي اکين جا تارا بڻجي ويا، چوري ۽ ڌاڙي جا عادِي ٻين جي عِزت ۽ آبرُو جي حِفاظت ڪرڻ لڳا، ڪنهن غريب کي ڏسي تَڪبُّر سبب منهن ڦٽائيندڙ عاجِزِي جا پيڪر بڻجي ويا، هر وَقت حَسَد جي باھ ۾ سڙندڙ ٻين کي تَرَقِّي جون دُعائون ڏيڻ لڳا، ڳائڻ وڄائڻ جا شَوقِين، سُنّتن ڀريا بَيان ۽ مَدَني مُذاڪرا ٻڌڻ جا عادِي ٿي ويا، فُحْش ڪلامي ڪرڻ وارا نَعتِ مُصطَفٰي پڙھڻ ۽ عشق مصطفٰي ۾ جُھومڻ جهومائڻ لڳا، يورپي ملڪن جي رنگينين کي ڏسڻ جا خواھش مند ڪعبي شريف ۽ گنبذِ خضرٰي جي زيارت لاءِ بيقرار رھڻ لڳا، مال جي مَحَبَّت ۾ گِرِفتار رهڻ وارا فڪرِ آخِرت جي مَدَني سوچ رکندڙ بڻجي ويا، شراب پيئڻ وارا عشقِ مُصطَفٰي جا جام پيئڻ لڳا، فُضُولِيات ۾ وَقت بَرباد ڪرڻ وارا پنهنجو وَقت عِبادت ۾ گُذارڻ لڳا، فُحش رَسالا ۽ ڊائجسٽ جا شَوقِين اميرِاَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ مڪتبةُ المدينه جا ڪتاب ۽ رسالا ۽ ماهنامه فَيضانِ مدينه جو مُطالَعو ڪرڻ لڳا، تَفرِيح (Amusement) جي خاطِر سَفَر جا عادِي شخص عاشِقانِ رَسول سان گڏ راھ خُدا ۾ سَفَر ڪرڻ وارا