Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

سان دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ اِستقامت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ "دعوتِ اسلامي" جي اپ ڊيٽس (Updates) ملندي آهي۔٭مَدَني مذاڪرو علمِ دِين جي ترقي جو سبب آهي٭ مَدَني مذاڪرو، اميرِ اهلسنت جي زندگي جي سوين بلڪ هزارين تجربات سان مدني تربيت حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي۔٭مَدَني مذاڪري ۾ دِيني معلومات ملڻ سان گڏوگڏ اَخلاقي تربيت به ٿيندي آهي۔٭ مدني مذاڪري جي بَرَڪت سان اميرِ اَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان ڪيل مُختلف سُوالات بابت دِلچسپ جوابات جي صُورت ۾ عِلْمِ دِين حاصل ٿيندو آهي ۽ عِلمِ دِين سکڻ سيکارڻ جي ته ڇا ڳالھ آهي جو رَحمتِ عالَم، نُورِ مُجَسَّم  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِرشاد فرمائن ٿا: جيڪو الله پاڪ جي فرضن جي باري ۾ هڪ يا ٻه يا ٽي يا چار يا پنج ڪلِمات سکي ۽ ان کي چڱي طرح ياد ڪري ۽ پوءِ ماڻهن کي سيکاري ته هو جنّت ۾ داخِل ٿيندو۔                     (الترغيب والترهيب، ڪتاب العم،۱ /۵۴، حديث :۲۰ )

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪيئي اسلامي ڀائر مدني مذاڪري جي برڪت سان پنهنجي گُناهن ڀري زِندگي کان توبه ڪري چڪا آهن۔ ان ڪري اچو! هٿو هٿ نيت ڪريون ٿا ته اسان به هر هفتي ”مَدَني مذاڪري“ ۾ اَوَّل تا آخر شرڪت کي يقيني بڻائينداسين ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندا رهنداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جون خوب خُوب برڪتون حاصل ٿينديون۔ هفتيوار مدني مذاڪري جي علاوه مختلف موقعن تي به مدني مذاڪرن جو سلسلو ٿيندو آهي، مثال طور مُحَرَّمُ الْحَرَام جا 10 مدني مذاڪرا، ماهه ربيعُ الاول (ٻارهين) جا 12 مدني مذاڪرا، ماهه ربيعُ الاخر (يارهين) جا 11 مدني مذاڪرا، رمضان ۾ روزانو 2 مدني مذاڪرا، ذُوالحِجَّة الحَرام جا 10مدني مذاڪرا وغيره۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هنن مدني مذاڪرن ۾ به اوّل تا آخر شرڪت ڪري دُنيا ۽ آخرت جون بيشمار برڪتون ۽ ڀلائيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون۔ اچو تَرغِيب جي لاءِ مدني مذاڪرو ڏسڻ جي هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو، جيئن ته