Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

(Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي بَرَڪتن ۽ انهن جي ڪرامتن جو باب نِهايت وَسِيع آهي، خوش نصيب مسلمان ته هن حقيقت کي تَسلِيم ڪندا آهن ته انهن بزرگن جون بَرَڪتون ۽ ڪرامتون حق آهن پر ڪجهه نادان ماڻهو اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي بَرَڪتن ۽ ڪرامتن کي تَسلِيم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن هوندا ۽ شَيطاني وَسوسن جو شِڪار ٿي ويندا آهن، اهڙا ماڻهو پنهنجي هن بيڪارعادت تي ان وَقت تائين قائم رهندا آهن جو جيستائين هو پاڻ پنهنجي اکين سان انهن جي بَرَڪتن ۽ ڪرامتن جو نَظارو نٿا ڪري وٺن،ان جي باوجود به ڪجهه ماڻهون اولياء جو شان سمجهڻ کان محروم ئي رهندا آهن، ائين هو پنهنجي اَنَا (نفساني ضد) جي خاطِر پنهنجو پاڻ کي اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي فيض ۽ بَرَڪتن کان مَحروم ڪندا آهن۔ اسان جا بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن ڪيتري قَدَر دِلنشين انداز ۾ اهڙن جي اِصلاح فرمائيندا هئا اچو! ان جي هڪ اِيمان اَفروز جھلڪ مُلاحَظَه ڪريو جيئن ته،

ڪرامتن جا مُنڪر به مڃي ويا

حضرت سَيدُنا جابِر رَحَبِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا ته شهرِ رَحَبَه جا اڪثر ماڻهو اوليائن جي ڪرامتن جو اِنڪار ڪندا هئا۔ هڪ ڏينهن مان هڪ درندي (چير ڦاڙ ڪري کائڻ واري جانور) تي سوار ٿي رَحَبَه ۾ داخل ٿيس ۽ پڇا ڪئي: ڪٿي آهن اهي ماڻهو جيڪي اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي ڪرامتن کي نٿا مڃن؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: ان کان پوءِ انهن منهنجي باري ۾ برين ڳالهين کان پاسو ڪيو۔ (الروض الفائق،ص۱۰۳)

محفوظ سدا رکھنا شہا! بے ادَبوں سے                    اور مجھ سے بھی سَرْزَد نہ کبھی بے ادَبی ہو