Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

اوهان به اَولِياءِ ڪرامرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡنجو قُرب ماڻڻ جا طَلَبگار آهيو ته دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ڪم و بيش 104شُعبن۾نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مَصروف آهي۔ انهيءَ مان هڪ ”مجلسِ عُشْر ۽ اَطراف گاؤں“ به آهي۔ جيڪا عُشر جي ڏينهن ۾ هفتيوار ۽ ٻين سُنّتن ڀري اجتماعن ۾ راھ خدا ۾ خَرچ ڪرڻ جا فضائل بيان ڪري دعوتِ اسلامي کي عُشْر ڏيڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي ترغيب ڏياريندي آهي۔ هن شعبي جا ذِمه دار، عُشر جي وصولي جي لاءِ وقت بوقت هارين، زميندارن، باغن جي مالڪن وغيره سان اِنفرادي ڪوشش جي ذريعي رابطو ڪندا رهندا آهن، "هاري اجتماعات" جو به اِنعقاد ڪيو ويندو آهي، رِسالو "عُشر جا احڪام" تقسيم ڪري عُشر ڏيڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي۔

خاص ڪري زميندارن کي گھرجي ته عشر جي باري ۾ معلومات جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 48 صفحن تي مشتمل رسالي "عُشر جا اَحڪام" ۽ "چندو ڪرڻ جا شرعي اِحتياط" جو لازمي مُطالَعو ڪن ۽ شريعت جي مُطابق پنهنجي فصل جي زڪوٰة ڪڍڻ جي باري ۾ دارُ الافتاء اهلسنت کان ضرور رهنمائي حاصل ڪن۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مجلس عشر۽ اطراف گائوں جو مدني ڪم تيزي سان ترقي  ڪندي مديني ڏانهن وڃي رهيو آهي، هاڻي تائين تقريبن 15 هزار ڳوٺن ۾ مدني ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ هنن 15 هزار ڳوٺن جي ذميدارن کي وڌيڪ 15 هزار ڳوٺن ۾ مدني ڪم ڪرڻ جو هدف ڏنو ويو آهي، هن وقت پاڪستان جي تقريبن 15 هزار ڳوٺن / علائقن تي مشتمل 24 اطراف ڪابينات، 105 اطراف ڪابينه، تقريبن 873 اطراف ڊويزن ۽ 2182 اطرافَ علائقا ٿي چڪا آهن جن ۾ سوين ذميدارن کي چونڊيو ويو آهي. عشر جي وصولي سان گڏو گڏ خاص طور 12 مدني ڪمن جي مضبوطيءَ جي لاءِ وقت به وقت ذميدارن جا سنتن ڀريا اجتماع ۽ مدني مشورن جو سلسلو به ٿيندو رهندو آهي، وڏين راتين مثال طور (اجتماع ميلاد، اجتماع غوثيه، شبِ معراج، شبِ براءت، شبِ قدر وغيره) جي موقع تي