Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

ربّ جو قسم! اڄ برسات ٿيندي ته ربّ اُن جي زبان سچّي ڪرڻ جي لاءِ اهو ڪري ڇڏي۔           (مرآۃ المناجيح،۷/۵۸بتغير)

بِکھرے بال، آزُرْدَہ صُورت ہوتے ہیں کچھ اَہلِ مَحَبَّت

بَدْؔر مگر یہ شان ہے، اُن کی بات نہ ٹالے رَبُّ الْعِزَّت

(حکایتیں اور نصیحتیں،ص۲۷۶)

ڪتاب ”الله وارن جون ڳالهيون“ ۽ رسالو ”غسل جو طريقو“ جو تعارُف

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي شان ۽ عظمت جي باري ۾ وڌيڪ معلومات جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي 5 جلدن تي مُشتَمِل ڪتاب ”اللّٰه والوں کی باتيں“ جو مُطَالَعو ڪرڻ بيحد مُفِيد آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ ڪيئي اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي زِندَگين جا نُمايان واقِعا، ڪرامتون، انهن جا فرمان، شَرعِي اَحڪامن جي پاسدَارِي ۽ انهن جي عُمده وصفن کي نهايت جامِع ۽ خُوبصُورت اَنداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي،اولياءڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي هڪ خوبي هي به آهي جو هي حضرات طهارت ۽ پاڪيزگيءَ کي تمام گهڻو پسند ڪندا آهن ته پوءِ طهارت ۽ پاڪيزگي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ غسل جي مسئلن تي مشتمل نهايت معلوماتي رسالو”غسل جو طريقو“ تحرير فرمايو آهي. جنهن ۾ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ غسل جو طريقو، غسل جا فرائض، مستورات جي لاءِ 6 احتياطون، غسل فرض ٿيڻ جا 5 سبب، ڦوهاري جون احتياطون، تيمم جو بيان، تيمم جوطريقو ۽ کوڙ لازمي مسئلن کي بيان فرمايو آهي. تنهنڪري اڄ ئي مڪتبةُ المدينه تان هن ڪتاب کي هديةً حاصل ڪيو ۽ هن ڪتاب ۽ رسالي جو مُطالعو پاڻ به ڪيو ۽ ٿي سگھي ته ٻين اسلامي ڀائرن کي به ترغيب ڏياريو۔ هن ڪتاب ۽ رسالي کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ