Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

گُلاب جا گل يا ازدها (وڏا نانگ)!

اعليٰ حضرت،اِمام اَهلسُنّت مَولانا شاھ اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: مون حضرت مِيان (سِراجُ العارِفِين حضرت سَيد ابُوالحسن اَحمد نُوري) قُدّسَ سِـرُّه کي فرمائيندي ٻُڌو؛ هڪڙي جاءِ تي ڪا قبر کُلي پئي ۽ مڙدو نظر اچڻ لڳو، ڏٺو ته گلاب جون ٻه ٽاريون هن جي جسم سان چنبڙيل آهن ۽ گلاب جا ٻه گُل هُن جي ناسن (يعني نڪ جي ٻنهي سوراخن) تي رکيل آهن. هِن جي عزيزن (مائٽن) اِنهيءَ خيال سان ته هِتي قبر پاڻيءَ جي ڪري کُلي ويئي، ٻِي جڳهه قبر کوٽي (مرحوم جي لاش کي) اُنهي ۾ رکيو، هاڻي جو ڏسن ته ٻه ازدها (يعني ٻه تمام وڏا نانگ) هُن جي جِسم سان چنبڙجي پنهنجي ڦَڻن سان هن جو منهن نوچي رهيا آهن! حيران ٿيا. ڪنهن صاحبِ دل سان هي واقعو بيان ڪيو، انهن فرمايو! اُتي به هي ازدها ئي هئا پر هڪ وليُّ الله جي مزار جو قُرب هو، اُنهي جي برڪت سان هُو عذاب رحمت ٿي ويو هو، اُهي ازدها گُل جيان ٿي ويا هئا ۽ انهن جا ڦڻ گلاب جا گُل، هِن (يعني مرحوم) جي خيريت چاهيو ته اُتي کڻي وڃي دفن ڪريو. اُتي کڻي وڃي رکيو ته وري اُهو ئي گُل جا وڻ هئا ۽ اُهي گلاب جا گُل.  (ملفوظات اعليٰ حضرت، ص٢٧٠)

کرم ہو واسِطہ کُل اَوْلِیا کا

مِرا اِیماں پہ مَوْلیٰ خاتِمَہ ہو

                                                                           (وسائلِ بخشش،مُرمّم،ص۳۱۶)

مَجلسِ عُشر ۽ اَطراف گاؤں

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جو قُرب ملي وڃڻ ڪيتري قَدَر بَرَڪت جو سبب آهي جو الله پاڪ پنهنجي هڪ وَلِي ڪامِل جو قُرب ماڻڻ واري گناهگار ۽ بَدڪردار شخص کان عذابِ قَبر کي پري فرمائي پنهنجي رَحمت سان ان جي عذاب کي رَحمت ۾ بدلي ڇڏيو۔ ته جيڪڏهن