Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

چور وَلي بڻجي ويو

منقول آهي ته هڪ چور رات جي وقت حضرتِ سيدَتُنا رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْها جي گھر ۾ داخل ٿيو، ان هر پاسي سڄي گھر جي تلاشي ورتي پر هڪ ڪونئري جي علاوه ڪا شيء نه ڏٺي، جڏهن ان نڪرڻ جو ارادو ڪيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْها فرمايائون: ''جيڪڏهن تون چالاڪ ۽ هوشيار چور آهين ته بنا ڪنهن شيء کڻي وڃڻ جي نه ويندين۔''ان چيائين:''مون کي ته ڪا شيء نه ملي۔'' پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْها فرمايائين: ''اي غريب شخص! ان ڪونئري مان وضو ڪري ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ ٻه رڪعت نماز ادا ڪر، هتان کان ڪجھ نه ڪجھ کڻي ويندين۔'' ان سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا جي چوڻ مطابق وضو ڪيو ۽ جڏهن نماز جي لاءِ بيٺو ته حضرت سيدَتُنا رابعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْها ائين دُعا ڪئي: ''اي منهنجا ربّ عَزَّوَجَلَّ! هي شخص مون وٽ آيو پر ان کي ڪجھ نه مليو، هاڻي مون ان کي تنهنجي بارگاھ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، ان کي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان محروم نه ڪجان۔'' جڏهن هو نماز کان فارغ ٿيو ته ان کي عبادت جي لذت نصيب ٿي۔ پوءِ، هو رات جي آخري حصي تائين نماز ۾ مشغول رهيو۔ جڏهن سحري جو وقت ٿيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْها ان وٽ ويون ته ان کي سجدي جي حالت ۾ پنهنجي نفس کي ڌڙڪا ڏيندي ۽ هي چوندي ڏٺو: جڏهن منهنجو رب عَزَّوَجَلَّ مون کان پڇندو: ''ڇا تو کي حيا نه آيو ته تون منهنجي نافرماني ڪندو رهين؟ ۽ منهنجي مخلوق کان گناھ لڪائيندو رهين ۽ هاڻي گناهن جي ڀَري کڻي منهنجي بارگاھ ۾ پيش آهين، جڏهن هو مون تي غضب فرمائيندو ۽ پنهنجي رحمت ڀري بارگاھ مان پري ڪندو ته ان وقت مان ڪهڙو جواب ڏيندس؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْها پڇيائين:''اي ادا! رات ڪيئن گذري ؟'' چيائين: ''خيريت سان گذري، عاجزي ۽ انڪساري سان مان پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ بيٺل رهيس ته ان منهنجي خراب عادتن کي درست ڪري ڇڏيو،منهنجو عذر قبول ڪري ورتو ۽ منهنجي گناهن کي بخشي ڇڏيو ۽ مون کي منهنجي مطلوب ۽ مقصود تائين پهچائي ڇڏيو۔ پو اهو شخص چهري تي حَيراني ۽ پريشاني جا آثار کڻي هليو ويو۔