Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

حضرت سيدَتُنا رابِعه بَصرِيه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا پنهنجا هٿ آسمان ڏانهن بلند ڪيا ۽ عَرض گذار ٿيون: اي منهنجا رَبّ  ! هي شخص تنهنجي بارگاھ ۾ هڪ گھڙي بيٺو ته تو ان کي قبول ڪري ورتو ۽ مان ڪڏهن کان تنهنجي بارگاھ ۾ بيٺي آهيان، ته ڇا تو مون کي به قَبول فرمائي ورتو آهي؟ اوچتو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا دِل جي ڪنن سان اهو آواز ٻڌو: اي رابِعه! اسان ان کي تنهنجي ئي ڪري قَبول ڪيو ۽ تنهنجي ئي ڪري پنهنجو قُرب عطا ڪيو آهي۔ (الروض الفائق،ص ۱۵۹ ملخصاً)

مَحَبَّت میں اپنی گُما یااِلٰہی                               نہ پاؤں میں اپنا پَتا یااِلٰہی

رہُوں مَسْت و بے خُود میں تیری وِلا میں              پِلا جام ایسا پِلا یااِلٰہی

مِرے دِل سے دُنیا کی چاہت مِٹا کر                     کر اُلْفَت میں اپنی فَنا یااِلٰہی

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۱۰۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي قُرب جون ڪهڙيون ڪهڙيون بَرَڪتون ظاهر ٿينديون آهن جو انهن جي دَر تي ايندڙ ڪڏهن به هٿين خالي موٽايو ناهي ويندو، بلڪ پنهنجي خالي دَامَن کي موتين جي مُرادن سان ڀري ۽ خُوب خُوب بَرَڪتون ماڻي موٽندو آهي، ايستائين جو جيڪڏهن ڪو چور به انهن جي بارگاھ ۾ اچي وڃي ۽ انهن جي ناياب صُحبَت جي نعمت ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته پوءِ اهو چور، چور نٿو رهي بلڪ ربّ ڪريم ان گناهگار ۽ بَدڪردار کي به هنن مَقبول ٻانهن جي نِگاھ وِلايت، دِل جي گهرائين مان نڪرندڙ پُرتاثير دُعائن ۽ پاڪيزه صُحبَت جي بَدولَت ان جي زَنگ آلُود باطِن کي چَمڪائي ان کي گُناهن تي نَدامَت، نَماز، تَقويٰ ۽ پرهيزگاري، سچّي تَوبه ۽ نيڪين جي تَوفِيق، فِڪرِ آخِرت جهڙي شاندار نعمتن سان سَرفَراز ڪري بَخشش ۽ مَغفِرت جي سَند عطا فرمائيدو آهي، تنهنڪري اسان کي به کپي ته اسان به اَدَب جو دامَن پڪڙي انهن کان دُنياوِي مطلبن ۽ مقصدن بدران