Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

مَحَلّات ۾ رهندا۽ جنّت جي باغن ۾ سير ڪندا، اَولِياءِ ڪرام جنّت جي مٿاهين واري جاءِ ۾ رهندا ۽ جنّت جي عُمدَه سُوارين تي سُوار ٿيندا، اَولِياءِ ڪرام جنّت ۾ الله پاڪ جي ڪلام کي ٻڌندا ۽ ان جي دِيدار سان مُشَرَّف به ٿيندا۔  (حڪايتيں اور نصيحتيں،ص۱۳۸ملتقطاًوملخصاً)

اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي بَرَڪتن تي مُشتَمِل اِيمان اَفروز واقِعا ۽ حِڪايتون ٻڌڻ جي سَعادَت حاصِل ڪنداسين۔ اچو! سڀ کان پهريان مَشهور وَلِيه حضرت سَيدَتُنا رابِعه بَصرِيه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا جي بَرَڪتن تي مُشتَمِل هڪ حِڪايت ٻڌڻ کان پهريان اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا جو تعارُف ٻڌون ٿا۔

حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا جو تعارف

”ماهنامه فَيضانِ مدينه“ صَفحي نمبر 39 تي آهي ته حضرت سَيدَتُنا رابِعه بَصرِيه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا عابِده، زاهده، نيڪ ۽ پارسا ۽ خَوفِ خُدا واري عورت هئي، ڏينهن جو رَوزو رکنديون هيون ۽ تِلاوتِ قُرآنِ پاڪ ڪنديون هيون۔ سندن جي اڳيان ڪو جَهنَّم جو تذڪرو ڪندو هو ته خَوفِ خُدا جي ڪري بي هوش ٿي وينديون۔ (جنتي زيور،ص۵۴۱) پاڻرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا پيرين اگھاڙي، پَيدل بَيتُ الله شَرِيف جو حَج ڪيو، ڪعبي شريف پهچندي ئي(خوف ۽ خَشِيت سَبَب) بي هوش ٿي ڪِري پيون۔ (الروض الفائق،المجلس الثامن في ذڪر حجاج بيت الله …الخ،ص۶۰) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا خُوب عِبادت ۽ رِياضَت ڪنديون هيون، ننڊ جو غَلَبو ٿيندو هو ته گھر ۾ هلڻ شُروع ڪنديون هيون ۽ پنهنجو پاڻ کي چونديون هيون: رابِعه! اها به ڪا ننڊ آهي، ان جو ڪهڙو مَزو؟ ان کي ڇڏ ۽ قَبر ۾ مَزي سان ڊگھي مُدَّت جي لاءِ ستل رهجان، اڄ ته توکي گھڻي ننڊ ناهي آئي پر ايندڙ رات ۾ خُوب ننڊ ايندئي،همَّت ڪر ۽ پنهنجي ربّ (عَزَّوَجَلَّ) کي راضي ڪري وٺ۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا پنچاھ سال (Fifty years) ائين گذاري ڇڏيا جو نه ڪڏهن بِستر تي سُتيون ۽ نه ئي ڪڏهن وهاڻي تي مٿو رکيائون، ايستائين جو پاڻرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهَا اِنتِقال ڪري ويون۔ (حڪايات الصالحين،ص ۴۰ ملخصاً )(ماهنامه فيضان مدينه،اگست ۲۰۱۷،ص۳۹) الله ڪريم اِن جي طُفَيل اسان کي به عِبادت جو ذوق نصيب فرمائي۔

                                                اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ