Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِہٖ “ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

    (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن اهي مُقَدَّس تَرِين هستِيون آهن جِن تي جبل سَلامَتي موڪليندا آهن۔ اَولِياءِ ڪرام کان وَحشِي جانوَر مانُوس هوندا آهن۔اَولِياءِ ڪرام کان جانوَر بَرَڪت حاصِل ڪندا آهن، اَولِياءِ ڪرام کان وڻ به قُرب ماڻيندا آهن۔ شَيطان اَولِياءِ ڪرام جي ويجھو ناهي ويندو۔ اَولِياءِ ڪرام دُنيا جي خَزانن ڏانهن نگاهون کڻي به ناهن نهاريندا۔ جِن جبلن (Mountains) تي اَولِياءِ ڪرام جا قَدَم پئجي ويندا آهن اهي جبل ٻين جبلن تي فَخر ڪندا آهن۔ اَولِياءِ ڪرام جڏهن دنيا کان تشريف کڻي ويندا آهن ته دُنيا وارا انهن جي جُدائي تي غمگين ٿيندا آهن۔ اَولِياءِ ڪرام جنّت جي