Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

اَولِياءِ ڪرام الله ڪريم جي رَحمت آهن،جيڪي عيش ۽ راحت جي زندگي گذارڻ بدران هميشه سادگي کي اپنائيندا آهن، اَولِياءِ ڪرام شَرِيعَت جي پابندي ڪندا آهن۽ باطِن کي صاف ڪندا، اَولِياءِ ڪرام الله پاڪ جي ٻانهن کي الله پاڪ سان ملائيندا ۽ اُنهن کي به الله ڪريم جو پِيارو بڻائيندا آهن، اَولِياءِ ڪرام جي صُحبَت ۾ ويهڻ سان دُنيا ۽ آخِرت سَنوَرجي ويندي آهي ۽ کوڙ ڀلائيون نصيب ٿينديون آهن، اَولِياءِ سڳورا، الله تعاليٰ جي علاوه ٻي ڪنهن کان نٿا ڊڄن، اَولِياءِ ڪرام مُتَّقِي ۽ پَرهيزگار هئڻ جي باوُجود جَهنَّم (Hell) جي خَوف مان ڏڪندا رهندا آهن، اَولِياءِ ڪرام ڏينهن رات عِبادتِ الٰهي ۾ مشغول رهندا آهن، اَولِياءِ ڪرام مخلوق جي مدد ڪندا آهن، اَولِياءِ ڪرام کي الله پاڪ جي عطا سان عِلمِ غَيب حاصِل ٿيندو آهي، اَولِياءِ ڪرام دِلين جي اَحوال کان باخَبَر هوندا آهن ايستائين جو اَولِياءِ ڪرام دُنيا جي اندر ئي جنّتي مَحل جو حقدار بَڻائي ڇڏيندا آهن۔ اچو! مَشهور مَجذُوب ۽ زَبَردَست وَلِي حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه جي هڪ اِيمان اَفروز ڪرامت جي باري ۾ ٻڌو ۽ پنهنجي دل ۾ مَحَبَّتِ اَولِيا اُجاگر ڪريو، جيئن ته

جنتي محل جو پروانو(اجازت نامو)

خَليفي هارون رشيد جي گھرواري زُبَيده خاتون هڪ نيڪ ۽ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن سان بيحد عَقيدت ۽ مَحَبَّت رکندڙ عورت هئي، هڪ ڀيري هوءَ ٻانهين سان گڏ ڪيڏانهن وڃي رهي هئي، سفر دوران هڪ وادي ۾ انهن ڏٺو ته سُلطانُ العاشقين حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه پٿر جي ٽڪرن کي گڏ ڪري ڪجھ بڻائي رهيو آهي، هي پنهنجي سُواري تان لٿي ۽ حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه جي خدمتِ بابَرَڪت ۾ حاضِر ٿي ادب سان بيهي رهيون پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه انهن ڏانهن بلڪل به ڌيان نه ڏنو۔ زُبَيده خاتون هِمَّت ڪري پڇا ڪئي، سائين! هي ڇا بڻائي رهيا آهيو؟ فرمايائون: جنّت جو مَحل بڻايان پيو۔ زُبَيده خاتون ٻيهر سُوال ڪيائين، ڇا جنّت جو هي مَحل مون کي وڪڻندوء؟ اِرشاد فرمايائون: ضرور وڪڻندس! هن جواب تي زُبَيده خاتون جو رُوح خوش ٿيو، ان