Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۱۵)

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! ياد رهي! اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي بَرَڪتن ۽ ڪرامَتن جو بيان قُرآنِ ڪريم ۾ به مَوجود آهي،جيئن ته

بي مندائتو ميوو

حضرت (سيّدنا) زڪريا عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي الله تعالٰي نُبُوّت جي شرف سان نوازيو هو پر انهن جو ڪو اولاد نه هو ۽ اهي بلڪل ضعيف (ڪمزور) ٿي چڪا ها. سالن کان انهن جي دل ۾ فرزند جي خواهش هئي ۽ ڪيترا ئي ڀيرا انهن روئي روئي خدا کان پُٽ جي لاءِ دعا به گُهري هئي، پر خدا جي شانِ بي نيازي جو باوجود هن جي هاڻي تائين انهن کي فرزند نه مليو، جڏهن انهن حضرت مريم رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي محراب ۾ هيءَ ڪرامت ڏٺي ته اُتي بي موسم ميوو اچي ٿو ته ان وقت انهن جي دل ۾ اهو خيال آيو ته منهنجي عمر هاڻي ايتري ضعيفي (پوڙهائپ) واري ٿي وئي آهي جو اولاد جي ميوي جو موسم ختم ٿي ويو آهي. پر اهو الله جيڪو حضرت مريم رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي محراب ۾ بي موسم ميوا عطا فرمائي ٿو اهو قادر آهي ته مون کي به بي موسم جي اولاد جو ميوو عطا فرمائي ڇڏي. چنانچه پاڻ مريم جي محراب ۾ دعا گُهري ۽ سندن دعا قبول ٿي وئي ۽ الله تعالٰي پوڙاهپ ۾ کين هڪ فرزند عطا فرمايو جن جو نالو خود الله تعالٰي ”يحيٰ“ رکيو ۽ الله تعالٰي انهن کي نبوّت جو شرف به عطا فرمايو. (عجائب القرآن مع غرائب القرآن،ص۶۶بتغير) هن واقِعي جو مَضمون سيپارو 3 سُوره آلِ عِمرَان جي آيت نمبر 37 تا41 ۾ مَوجُود آهي۔

اَصحابِ ڪهف رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهم  جون ڪرامتون

اَصحابِ ڪهف (رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهم) نبي نه آهن، بلڪه بَنِي اِسرائيل جا وَلي آهن۔ انهن جي ڪرامت اها بَيان ٿي ته غار ۾ ٽي سو نو (309) سال ستل رهيا۔ ايترو عَرصو بي غذا سمهڻ ۽ فنا نه ٿيڻ ڪرامت آهي۔ (جيئن سيپارو 15سوره ڪهف جي آيت نمبر18 ۾ ربِّ ڪريم اِرشاد فرمائي ٿو:)