Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

وَ تَحْسَبُهُمْ اَیْقَاظًا وَّ هُمْ رُقُوْدٌ ﳓ وَّ نُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْیَمِیْنِ وَ ذَاتَ الشِّمَالِ ﳓ وَ كَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَیْهِ بِالْوَصِیْدِؕ- (پ۱۵،الڪهف:۱۸)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ تُون اُنهن کي جاڳندو سمجھندين حالانڪ اُهي سُتل آهِن. ۽ اسان سڄي کٻي سندن پاسا مٽائِيندا آهيُون ۽ سندن ڪُتو پنهنجُون ڪَرائيون پکيڙِيندڙ آهي غار جِي چائٺ تي .

 

هن آيت ۾ اَصحابِ ڪهف (رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهم) جيڪي اَولِيا آهن۔انهن جون ٽي (3) ڪرامتون بَيان ٿيون: (1) جاڳڻ وانگر هاڻي تائين سمهڻ، (2) ربّ جي طرفان پاسا مٽائڻ، زمين جو انهن جي جسمن کي نه کائڻ ۽ بغير غذا جي باقي رهڻ، (3) انهن جي ڪتّي جو هاڻي تائين ليٽيو رهڻ هي به انهن جي ڪرامت آهي نه ئي ڪتي جي۔  (علم القرآن،ص ۱۸۸بتغير)

اللہ غنی! شانِ وَلی! راج دِلوں پر                       دُنیا سے چلے جائیں حکومت نہیں جاتی

 (وسائلِ بخشش مرمم،ص ۳۸۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِيۡن جي بَرَڪتن جي به ڇا ڳالھ ڪجي! هي اهي عظيم هستيون آهن جو جِن جو ڪردار هڪ صاف شفاف آئيني وانگر هوندو آهي، جيڪي مَخلوقِ خُدا جي هدايت جي لاءِ هر وَقت تيار رهندا آهن، جن جي دِل ۾ اُمَّت جي اصلاح جو جَذبو تمام گھڻو موجود هوندو آهي، جن جا بيان، اِرشاد ۽ تَحريرن جي بَرَڪتن سان گناهگار ۽ بَدڪار ماڻهو قُرآن ۽ سُنّت جي راھ تي هلندا جڏهن ته غير مُسلِم اسلام جي دَولت کان سَرفَراز ٿيڻ جي سَعادت ماڻيندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي هن پُرفِتَن زماني ۾ پندرهين صَدِي جي عظيم عِلمي ۽ رُوحاني شَخصِيت، شَيخِ طَرِيقَت، اَميرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُوبِلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه اها عظيم هستِي آهي، جِن ۾ بَيان ڪيل اَولِياءِ ڪامِلِين