Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain

شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

                             (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنَّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں                نیک ہوجائیں مُسَلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تيل لڳائڻ ۽ ڪنگھي ڪرڻ جا مَدَني گل

اچو!شَيخِ طَرِيقَت،اَميرِ اَهلسُنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي 163 مَدَني گل مان تيل لڳائڻ جون سُنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: ٭ حضرت سيِّدُنا اَنس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمائن ٿا: الله عَزَّوَجَلَّ جا محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مٿي مبارڪ ۾ اڪثر تيل لڳائيندا ۽ ڏاڙهي ۾ ڪنگھي ڪندا هئا ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو رکندا هئا ايستائين جو اهو ڪپڙو تيل سان تَر ٿي ويندو هو. (الشمائل المحمديه للترمذي ص 40) مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار صابڻ وغيره سان ڌوئڻ جنهن جو معمول نه آهي انهن جي وارن ۾ اڪثر ڌپ ٿي ويندي آهي پاڻ کي جيتوڻيڪ بدبو نه ايندي هجي پر ٻين کي ايندي آهي. وات، بدن ۽ لباس وغيره مان ڌپ ايندي هجي ته انهيء حال ۾ مسجد ۾ وڃڻ حرام آهي جو هن سان ماڻهن ۽ فِرشتن کي ايذاء ٿيندو آهي، ها ڌپ لڪيل هجي جيئن بغل جي ڌپ وغيره ته انهيءَ ۾ حرج ناهي ٭ وارن ۾ تيل جو گھڻو استعمال خاص ڪري عِلم وارن لاءِ مفيد آهي جو هن سان مٿي ۾ خشڪي ناهي ٿيندي، دماغ تَر ۽ حافظو قوي ٿيندو آهي ٭ ٭ حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن بغير بِسمِ الله پڙهي تيل لڳايو ته 70 شيطان ان ۾ شريڪ ٿي ويندا آهن. (عمل اليوم والليلة لابن السني ج 1 ص 327 حديث 173)  ٭ تيل لڳائڻ کان پهرين بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيمِ پڙهي کاٻي هٿ جي تري ۾ ٿورو تيل وجھو،پوءِ پهرين ساڄي اک جي ڀِرُون تي تيل لڳايو پوءِ کاٻي اک تي، ان کان پوءِ ساڄي اک جي